- جاپان جي اترين علائقي ۾ 7.4 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو۔
- زلزلي کانپوءِ سونامي جي خبرداري جاري ڪئي وئي۔
- هوڪائيڊو، آوموري ۽ ٻين ساحلي علائقن ۾ لوڏا محسوس ڪيا ويا۔
- جاپاني موسميات کاتي 3 ميٽر اوچين لهرن جو انتباہ ڏنو۔
- ڪجهه علائقن ۾ 1 کان 3 ميٽر تائين سونامي لهرون اچي سگهن ٿيون۔
- يو ايس جيولوجيڪل سروي پڻ زلزلي جي تصديق ڪئي۔
- جاپان حڪومت وڌيڪ زلزلي جو خطرو ظاهر ڪيو آهي۔
- ايندڙ ڏينهن ۾ 8.0 شدت تائين زلزلو اچڻ جو امڪان ٻڌايو ويو۔
- Kuji بندرگاهه تي 0.8 ميٽر اوچي لهر ٽڪرائي۔
- Miyako بندرگاهه تي 0.4 ميٽر لهر رڪارڊ ڪئي وئي۔
- 5 علائقن مان 1 لک 71 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو۔
- في الحال ڪنهن وڏي جاني يا مالي نقصان جي رپورٽ ناهي۔
- ڪجهه علائقن ۾ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي آهي۔
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
