ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جید عالمِ دين ۽ اڳوڻي ايم پي اي، جي يو آءِ سان لاڳاپيل مولانا محمد ادريس ترنگزئي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔
پنهنجي آفيشل فيس بڪ پيج تي جاري بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته ممتاز عالمِ دين، شيخ الحديث حضرت مولانا محمد ادريس ترنگزئي جي بزدلانه حملي ۾ شهادت جي خبر ٻڌي دل انتهائي ڏک سان ڀرجي وئي آهي۔
هن دعا ڪئي ته الله پاڪ سندن شهادت قبول فرمائي، سندن درجا بلند ڪري، جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ وارثن کي صبرِ جميل نصيب ڪري۔ آمين۔
آفريدي وڌيڪ چيو ته “علم ۽ تقويٰ جو هي ستارو هميشه ياد رکيو ويندو” ۽ اميد ظاهر ڪئي ته قاتلن کي جلد بي نقاب ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو۔
ياد رهي ته منگل جي صبح چارسده جي علائقي اتمانزئي ۾ هٿياربندن جید عالمِ دين ۽ اڳوڻي رڪن اسيمبلي مولانا محمد ادريس تي حملو ڪيو، جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويا۔
رپورٽن موجب مولانا ادريس پنهنجي گهر کان مدرسو وڃي رهيا هئا ته انهن جي گاڏي تي پٺيان کان فائرنگ ڪئي وئي۔ گاڏي ۾ ٻه پوليس اهلڪار ۽ ڊرائيور پڻ موجود هئا، جن مان ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا۔
واقعي جو ڪيس سي ٽي ڊي مردان ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ عمل جاري آهي۔
