ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (PSL) ۾ حيدرآباد ڪنگز مين شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ڪراچي ڪنگز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
نيشنل بينڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 188 رنز اسڪور ڪيا. ڪراچي طرفان سعد بيگ 53 رنز ۽ معين علي 44 رنز سان نمايان رهيا.
بالنگ ۾ حيدرآباد ڪنگز مين جي حنين شاهه شاندار بالنگ ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد علي 2 رانديگر آئوٽ ڪيا، جنهن سبب مخالف ٽيم کي وڏو اسڪور ڪرڻ کان روڪيو ويو.
هدف جي پٺيان ڊوڙندي حيدرآباد ڪنگز مين زبردست شروعات ڪئي ۽ پاور پلي ۾ ئي 76 رنز ٺاهيا. مارنس لبوشين 26، عثمان خان 27 ۽ معاذ صداقت 37 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ميچ دوران هڪ موقعي تي ٽيم دٻاءُ جو شڪار به ٿي جڏهن صائم ايوب ۽ گلين ميڪسويل جلدي آئوٽ ٿي ويا، جڏهن ته 139 جي اسڪور تي ڪوشل پيريرا به 17 رنز ٺاهي پويلين واپس موٽي ويو.
پر ان کانپوءِ حسان خان ۽ عرفان خان نيازي ذميواري سان بيٽنگ ڪندي ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. حسان خان صرف 16 بالز تي 33 رنز جي تيز اننگز کيڏي، جڏهن ته عرفان خان نيازي 20 بالز تي 29 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
انهن ٻنهي رانديگرن شاندار پارٽنرشپ سان ٽيم کي 5 بال اڳ ئي هدف تائين پهچايو ۽ يادگار فتح پنهنجي نالي ڪئي. هي ڪاميابي حيدرآباد ڪنگز مين لاءِ ايونٽ ۾ پهرين فتح آهي، جيڪا ٽيم جي حوصلي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي۔
