• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: دادو ۾ 10 محرم الحرام يومِ عاشورا نهايت عقيدت، احترام ۽ مذهبي جوش و جذبي سان ملهايو ويو، هزارين عزادارن جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شرڪت، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

دادو ۾ 10 محرم الحرام يومِ عاشورا نهايت عقيدت، احترام ۽ مذهبي جوش و جذبي سان ملهايو ويو، هزارين عزادارن جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شرڪت، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

admin
Last updated: June 27, 2026 7:50 am
admin
Share
SHARE

دادو: سڄي ملڪ وانگر دادو شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پڻ 10 محرم الحرام يومِ عاشورا نهايت عقيدت، احترام ۽ مذهبي جوش و جذبي سان ملهايو ويو. حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن جانثار ساٿين جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ شهر ۾ مختلف مجلسن، ماتمي جلوسن ۽ عزاداري جي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو.

مرڪزي امام بارگاهه دادو مان هزارين عزادارن جو قديمي مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيو، جنهن ۾ دادو شهر سميت جوهي، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ٻين ويجهن علائقن مان به وڏي انگ ۾ عزادارن شرڪت ڪئي. جلوس پنهنجي مقرر روايتي رستن تان گذرندو مين چوڪ ڪچھري روڊ تي پهتو، جتي عزادارن حضرت امام حسين عليه السلام ۽ شهيدن ڪربلا جي لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.

ان موقعي تي شيعا عالمن ۽ ذاڪرن پنهنجي خطابن ۾ واقعي ڪربلا جي فلسفي، حق، صبر، قرباني ۽ ظلم خلاف جدوجهد تي روشني وڌي. خطابن کانپوءِ عزادارن زنجيري ماتم ڪيو، جنهن دوران سوين عزادار زخمي ٿي پيا. زخمين کي جلوس جي رستن ۽ ماتمي ميدان ۾ قائم مختلف ميڊيڪل ڪئمپن تي فوري طبي امداد (فرسٽ ايڊ) فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته وڌيڪ علاج لاءِ ايمبولينسن ذريعي مقامي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو.

ماتمي ميدان ۽ جلوس جي مختلف رستن تي سياسي، سماجي ۽ فلاحي تنظيمن پاران عزادارن جي خدمت لاءِ سبيلون، طبي ڪئمپون ۽ امدادي مرڪز قائم ڪيا ويا. پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو)، جي ڊي اي، دادو رابطا ڪاميٽي، پي سي يو پريس ڪلب دادو ۽ ٻين ڪيترين ئي تنظيمن ضلعي صحت کاتي (ڊي ايڇ او) ۽ لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان عزادارن کي طبي سهولتون، ٿڌو پاڻي، شربت ۽ ٻين ضروري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو.

يومِ عاشورا جي موقعي تي ضلعي انتظاميه، دادو پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا هئا. جلوس جي رستن تي سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام، نگراني، ٽريفڪ جي رواني ۽ ايمرجنسي سروسز کي يقيني بڻايو ويو، جنهن سبب سمورا مذهبي پروگرام مجموعي طور پرامن ماحول ۾ پنهنجي پڄاڻي تي پهتا.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article سانگهڙ: ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد پاران يومِ عاشورا تي عزاداري انتظامن جو جائزو
Next Article ڪراچي: ڊفينس پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪامياب ڪارروائي، عورت سميت ٻه جوابدار گرفتار
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

حيدرآباد ۾ يومِ دفاع تي پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي، شهيدن کي ڀيٽا پيش

ہمارا اعلان پر امن پاکستان بین المذاہب ہم آہنگی ادارہ…

September 7, 2026

حيدرآباد ۾ يومِ دفاع تي پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي، شهيدن کي ڀيٽا پيش

ہمارا اعلان پر امن پاکستان بین…

September 7, 2026

سنڌ ڄائي ڊاڪٽر روبينا شيخ ٻيو ڀيرو UNPO صدر چونڊجي وئي، 45 قومن جو اعتماد حاصل

سنڌ ڄائي تي دنيا جي 45…

September 7, 2026

ڏيپارجا ۾ سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي، ادبي سرگرمين کي ڀرپور موٽ

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏيپارجا پاران…

September 7, 2026

سکر پوليس جي ڪارروائي، 45 ڪلو ڀنگ هٿ، جوابدار گرفتار

سکر، 6 سيپٽمبر 2026ع: ايس ايس پي…

September 7, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

قصور ۾ شادي هال جي مين هول ۾ ڪري 3 ساله ٻار فوت

قصور جي علائقي مصطفيٰ آباد ۾ شادي هال جي مين هول ۾ ڪري 3 ساله ٻار فوت ٿي ويو. پوليس…

1 Min Read
پاڪستان

بدین: سینئر سندھی فنکار بادل راہی کی علاج کے لیے مالی امداد کی اپیل

بدین (محفوظ شاہ): سندھ کے معروف سینئر فنکار بادل راہی نے شدید بیماری اور مالی مشکلات کے باعث علاج کے…

2 Min Read
پاڪستان

پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ جشنِ آزادي جون پروقار تقريبون، شاندار ريلي ۽ ثقافتي پروگرام منعقد

حيدرآباد : پاڪستان جي 79هين جشنِ آزادي جي موقعي تي پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي انتظاميا پاران قومي جذبي، حب الوطني…

4 Min Read
پاڪستان

پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جو سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج، انصاف، تحفظ، ڪوڙن ڪيسن جي خاتمي ۽ مبينا قيد عورت ۽ ٻارن جي بازيابي جو مطالبو

سکر (بيورو رپورٽ): سکر ڀرسان ببرلوءِ ابڙا اسٽاپ واسي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي، ماروي ڌيءُ الهڏايو شيخ ۽ الطاف…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?