• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: دادو ۾ 10 محرم الحرام يومِ عاشورا نهايت عقيدت، احترام ۽ مذهبي جوش و جذبي سان ملهايو ويو، هزارين عزادارن جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شرڪت، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

دادو ۾ 10 محرم الحرام يومِ عاشورا نهايت عقيدت، احترام ۽ مذهبي جوش و جذبي سان ملهايو ويو، هزارين عزادارن جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شرڪت، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

admin
Last updated: June 27, 2026 7:50 am
admin
Share
SHARE

دادو: سڄي ملڪ وانگر دادو شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پڻ 10 محرم الحرام يومِ عاشورا نهايت عقيدت، احترام ۽ مذهبي جوش و جذبي سان ملهايو ويو. حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن جانثار ساٿين جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ شهر ۾ مختلف مجلسن، ماتمي جلوسن ۽ عزاداري جي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو.

مرڪزي امام بارگاهه دادو مان هزارين عزادارن جو قديمي مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيو، جنهن ۾ دادو شهر سميت جوهي، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ٻين ويجهن علائقن مان به وڏي انگ ۾ عزادارن شرڪت ڪئي. جلوس پنهنجي مقرر روايتي رستن تان گذرندو مين چوڪ ڪچھري روڊ تي پهتو، جتي عزادارن حضرت امام حسين عليه السلام ۽ شهيدن ڪربلا جي لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.

ان موقعي تي شيعا عالمن ۽ ذاڪرن پنهنجي خطابن ۾ واقعي ڪربلا جي فلسفي، حق، صبر، قرباني ۽ ظلم خلاف جدوجهد تي روشني وڌي. خطابن کانپوءِ عزادارن زنجيري ماتم ڪيو، جنهن دوران سوين عزادار زخمي ٿي پيا. زخمين کي جلوس جي رستن ۽ ماتمي ميدان ۾ قائم مختلف ميڊيڪل ڪئمپن تي فوري طبي امداد (فرسٽ ايڊ) فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته وڌيڪ علاج لاءِ ايمبولينسن ذريعي مقامي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو.

ماتمي ميدان ۽ جلوس جي مختلف رستن تي سياسي، سماجي ۽ فلاحي تنظيمن پاران عزادارن جي خدمت لاءِ سبيلون، طبي ڪئمپون ۽ امدادي مرڪز قائم ڪيا ويا. پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو)، جي ڊي اي، دادو رابطا ڪاميٽي، پي سي يو پريس ڪلب دادو ۽ ٻين ڪيترين ئي تنظيمن ضلعي صحت کاتي (ڊي ايڇ او) ۽ لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان عزادارن کي طبي سهولتون، ٿڌو پاڻي، شربت ۽ ٻين ضروري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو.

يومِ عاشورا جي موقعي تي ضلعي انتظاميه، دادو پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا هئا. جلوس جي رستن تي سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام، نگراني، ٽريفڪ جي رواني ۽ ايمرجنسي سروسز کي يقيني بڻايو ويو، جنهن سبب سمورا مذهبي پروگرام مجموعي طور پرامن ماحول ۾ پنهنجي پڄاڻي تي پهتا.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article سانگهڙ: ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد پاران يومِ عاشورا تي عزاداري انتظامن جو جائزو
Next Article ڪراچي: ڊفينس پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪامياب ڪارروائي، عورت سميت ٻه جوابدار گرفتار
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

جيڪب آباد: جمعيت علماءِ اسلام يو سي مبارڪپور جي مجلسِ شوريٰ جو اهم اجلاس، ڪيترائي اهم فيصلا

جيڪب آباد(رپورٽ عامرجان) جمعيت علماءِ اسلام يو سي مبارڪپور جي…

October 24, 2026

جيڪب آباد: جمعيت علماءِ اسلام يو سي مبارڪپور جي مجلسِ شوريٰ جو اهم اجلاس، ڪيترائي اهم فيصلا

جيڪب آباد(رپورٽ عامرجان) جمعيت علماءِ اسلام…

October 24, 2026

لاڙڪاڻي ۾ پوليو جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو آگاهي واڪ، فرنٽ لائن ورڪرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)-لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سڄي…

October 24, 2026

ڈپٹی کمشنر خیرپور کی ہدایات پر آٹے کی قیمتوں، تجاوزات اور اسپتالوں کا معائنہ

خیرپور: ڈپٹی کمشنر خیرپور الطاف احمد…

October 24, 2026

پاڪستان پيپلز پارٽي ڊسٽرڪٽ ويسٽ پاران مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي قرآن خواني ۽ دعائيه تقريب.

ڪراچي (رپورٽ: پير بخش نوناري)ڪراچي پاڪستان…

October 24, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

بلوچستان جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ شاگردن کي جسماني سزا ڏيڻ تي مڪمل پابندي

ڪوئيٽا: بلوچستان حڪومت سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي جسماني سزا ڏيڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي…

3 Min Read
پاڪستان

خيبرپختونخواهه حڪومت گورنر کان اختيار واپس وٺڻ لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ورتو

پشاور: (جمع: 27 مارچ 2026ع) خيبرپختونخواهه حڪومت پبلڪ سروس ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميم جو فيصلو ڪندي پبلڪ سروس ڪميشن ايڪٽ…

1 Min Read
پاڪستان

هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري لاءِ پهريون ڀيرو انٽرويو ٿيندا، ڪارڪردگي جانچڻ جو آئيني نظام به آندو پيو وڃي: وفاقي وزير قانون

لاهور: وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ اعلان ڪيو آهي ته هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي مقرري لاءِ پاڪستان جي…

5 Min Read
پاڪستان

ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ قانونسازي تي ڊيڊلاڪ ختم، 30 بلن جي منظوري تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ قانونسازي جي معاملن تي ڊيڊلاڪ ختم ٿي…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?