ڪراچي: وفاقي وزير سامونڊي معاملن جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (KPT) پنهنجي 138 سالن جي تاريخ ۾ ڪارگو هينڊلنگ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پاڪستان جي سامونڊي ۽ واپاري شعبي جي ترقي جو واضح ثبوت آهي.
وفاقي وزير موجب ڪراچي پورٽ ٽرسٽ 5 ڪروڙ 46 لک 85 هزار ٽن ڪارگو هينڊل ڪري اڳوڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هي تاريخي ڪاميابي بندرگاهه جي بهتر ڪارڪردگي، جديد انتظامي قدمن ۽ مؤثر پاليسين جو نتيجو آهي.
جنيد انوار چوڌري چيو ته پاڪستان کي خطي جو هڪ مضبوط سامونڊي ۽ واپاري مرڪز بڻائڻ لاءِ حڪومت سڌارن جو عمل جاري رکيو آهي. هن چيو ته بندرگاهن جي جديد بنيادن تي ترقي، توسيع ۽ انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ قدم تيزي سان کنيا پيا وڃن، جنهن سان نه رڳو واپار ۾ واڌ ٿيندي پر قومي معيشت کي به هٿي ملندي.
هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ، جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ ۽ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ته جيئن پاڪستان عالمي واپاري مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهي.
ان موقعي تي چيئرمين ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ايڊمرل شاهد احمد چيو ته ڪراچي پورٽ جي مقابلي واري صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته بندرگاهه جي گنجائش، آپريشنل ڪارڪردگي ۽ انتظامي صلاحيت ۾ نمايان بهتري آندي وئي آهي، جنهن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.
چيئرمين ڪي پي ٽي موجب مستقبل ۾ به پورٽ جي جديدڪاري، سهولتن جي واڌاري ۽ ڪارگو هينڊلنگ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ قدم جاري رکيا ويندا، جيئن پاڪستان جي سامونڊي واپار کي وڌيڪ هٿي ملي ۽ ملڪ خطي جي اهم واپاري مرڪزن ۾ شامل ٿي سگهي.
