چنائي: ڀارت جي تامل فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل نامور هدايتڪار، اداڪار ۽ اسڪرپٽ رائيٽر ڪي. ڀاگياراج 73 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي اوچتي وفات جي خبر سان تامل فلم انڊسٽري سوڳ ۾ ٻڏي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪي. ڀاگياراج دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
ويجهن ذريعن موجب، ڀاگياراج آچر جي صبح سوير سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي، جنهن کانپوءِ کيس فوري طور هڪ خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس معائني کانپوءِ کيس فوت ٿيل قرار ڏنو.
ميڊيا رپورٽن موجب سندس اوچتي وفات جي خبر سان تامل فلم انڊسٽري جي فنڪارن، هدايتڪارن ۽ مداحن ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته ڪيترين ئي فلمي شخصيتن سندس لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
ڪي. ڀاگياراج نه رڳو هڪ ڪامياب هدايتڪار ۽ اداڪار هو، پر هن ڪيترين ئي يادگار فلمن جون ڪهاڻيون پڻ لکيون. سندس مشهور تخليقن ۾ “اورو ڪائيديين ڊائري” پڻ شامل آهي، جيڪا وڏي مقبوليت ماڻي.
ان فلم جو هندي ريميڪ “آخري راستہ” جي نالي سان تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار اميتابھ بچن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته ان فلم جي هدايتڪاري پڻ ڪي. ڀاگياراج پاڻ ڪئي هئي.
ڀاگياراج پنهنجي منفرد ڪهاڻي لکڻ جي انداز، شاندار هدايتڪاري ۽ اداڪاري سبب ڏکڻ ڀارتي سينيما جي اهم شخصيتن مان هڪ سمجهيو ويندو هو. هن پنهنجي ڊگهي فلمي ڪيريئر دوران ڪيترين ئي ڪامياب فلمن ذريعي تامل سينيما ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون، جن کي مداح ۽ فلمي دنيا هميشه ياد رکندي.
