بيونس آئرس: ارجنٽينا جي اسٽار فٽبالر ليونل ميسي فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ لڳاتار 7 ميچن ۾ گول ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
ميسي اردن خلاف ميچ ۾ گول ڪري فرانس جي جسٽ فونٽين ۽ برازيل جي جائرزينهو جو لڳاتار 6 ميچن ۾ گول ڪرڻ وارو پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
رپورٽن موجب، ليونل ميسي ميچ جي 80هين منٽ ۾ فري ڪڪ تي شاندار گول ڪري ارجنٽينا جي برتري 3-1 ڪري ڇڏي. سندس لڳاتار گول ڪرڻ جو سلسلو قطر فيفا ورلڊ ڪپ 2022 ۾ آسٽريليا خلاف ميچ کان شروع ٿيو هو.
ميسي 2022ع جي ورلڊ ڪپ دوران نيدرلينڊز، ڪروشيا ۽ فرانس خلاف پڻ گول ڪري ارجنٽينا کي عالمي چيمپئن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ پڻ ميسي شاندار فارم برقرار رکندي الجزائر خلاف هيٽ ٽرڪ ڪئي، جڏهن ته آسٽريا خلاف ٻن گولن جي مدد سان پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم حصو وڌو.
اردن خلاف گول ڪرڻ کانپوءِ ليونل ميسي جي ورلڊ ڪپ ۾ مجموعي گولن جو انگ 19 ٿي ويو، جيڪو سندس شاندار ڪيريئر ۾ هڪ وڌيڪ اهم سنگ ميل آهي.
واضح رهي ته فرانس جي جسٽ فونٽين 1958ع جي ورلڊ ڪپ ۽ برازيل جي جائرزينهو 1970ع جي ورلڊ ڪپ دوران لڳاتار 6 ميچن ۾ گول ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو هو، جيڪو هاڻي ليونل ميسي پنهنجي نالي ڪري نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.
