لاهور: تعليم واري وزير جي هدايت تي رحيم يار خان جي مختلف تعليمي ادارن تي جاچ ٽيمون ڇاپا هڻي معائنا ڪيا.
مئي مهيني دوران ڪيل معائنن جون رپورٽون سامهون اچي ويون آهن، جن ۾ استادن جي غيرحاضري، بدانتظامي ۽ ٻين بي ضابطگين جا ثبوت مليا آهن.
رپورٽ موجب گورنمينٽ ايسوسيئيٽ وومين ڪاليج منٺار ۾ سمورا استاد غير حاضر هئا. طالبياڻيون ڪاليج ۾ موجود هيون، پر ڪنهن به ڪلاس ۾ استاد موجود نه هو.
گورنمينٽ خواجه فريد ڪاليج بابت رپورٽ ۾ امتحانن دوران رشوت وٺڻ ۽ نقل ڪرائڻ ۾ سهڪار جا مبينا انڪشاف ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب واٽس ايپ پيغامن ذريعي شاگردن کان رقم وٺڻ جا ثبوت پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته امتحاني ڊيوٽي دوران هڪ استاد مبينا طور سمهي پيو هو. انهن بي ضابطگين جي بنياد تي امتحاني سپرنٽنڊنٽ کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف گورنمينٽ هاءِ اسڪول چڪ 125 پي ۾ استاد ڪلاسن ۾ پڙهائڻ بدران وڻن هيٺ ويهي موبائل فون استعمال ڪندي ڏٺا ويا. رپورٽ ۾ شاگردن جي غيرحاضري ۽ تدريسي سرگرمين جي معطلي جي پڻ نشاندهي ڪئي وئي آهي.
