ڪراچي: گل پلازا سانحي بابت تيار ڪيل جاچ رپورٽ ۾ آتشزدگي کي حادثاتي واقعو قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مبينا غفلت ۽ لاپرواهي جي الزام هيٺ يونين ڪميٽي جي صدر تنوير پاستا سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.
جيو نيوز موجب ڪراچي پوليس گل پلازا سانحي جي ڪيس جو چالان جاچ رپورٽ سميت پراسيڪيوشن وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گل پلازا جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ کي چالان جو حصو نه بڻايو ويو آهي.
جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فرانزڪ جاچ مان تصديق ٿي آهي ته باهه حادثاتي طور لڳي هئي. ان هوندي به پوليس ڪيس ۾ دڪاندار نعمت الله ۽ سندس 11 ورهين جي پٽ حذيفه کي جوابدار نامزد ڪيو آهي.
رپورٽ موجب گل پلازا يونين جي صدر تنوير پاستا، نائب صدر عمار اسماعيل، جنرل سيڪريٽري محمد امين ۽ جوائنٽ سيڪريٽري محمد رمضان کي به ڪيس ۾ جوابدار بڻايو ويو آهي، جڏهن ته پوليس انهن سڀني کي مفرور قرار ڏنو آهي.
جاچ رپورٽ مطابق گل پلازا ۾ لڳل باهه سبب 72 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته چئن فوتين جا باقيات اڃا تائين ڪنهن به وارث وصول نه ڪيا آهن. پنجاب فرانزڪ ليبارٽري جي رپورٽ موجب واقعي واري هنڌ تان ڪنهن به قسم جو ڌماڪيدار مواد نه مليو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته باهه جي شروعات دڪان نمبر 193 مان ٿي. جاچ موجب دڪاندار نعمت الله اڪثر پنهنجو 11 ورهين جو پٽ حذيفه دڪان تي ويهاري پاڻ هليو ويندو هو. رپورٽ موجب حذيفه پاران ماچس جون تيليون ٻاري اڇلائڻ سبب مصنوعي گلن کي باهه لڳي، جنهن کان پوءِ باهه تيزي سان پکڙجي وئي. جاچ ۾ نعمت الله ۽ حذيفه کي غفلت ۽ لاپرواهي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هڪ ننڍي عمر جي ٻار کي دڪان تي ڪم ڪرڻ کان نه روڪڻ به مارڪيٽ يونين جي غفلت هئي. باهه لڳڻ کان پوءِ يونين طرفان نه ته هنگامي ادارن کي بروقت اطلاع ڏنو ويو ۽ نه ئي فوري مدد طلب ڪئي وئي.
جاچ موجب گل پلازا جا سڀئي گيٽ بند هئا ۽ يونين انتظاميا طرفان وقت سر اهي کوليا نه ويا، جنهن سبب اندر موجود ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ ۾ شديد ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. رپورٽ ۾ بند دروازن کي پڻ انتظامي غفلت قرار ڏنو ويو آهي.
جاچ رپورٽ موجب يونين جي صدر تنوير پاستا ڪي اليڪٽرڪ کي فون ڪري عمارت جي بجلي بند ڪرائي، جنهن کان پوءِ اندر اونداهه ڇانئجي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو عمارت مان محفوظ نموني ٻاهر نڪري نه سگهيا. رپورٽ ۾ انهن سڀني معاملن کي سانحي دوران جاني نقصان وڌڻ جا اهم سبب قرار ڏنو ويو آهي.
