• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: گل پلازا آتشزدگي حادثاتي قرار، غفلت تي يونين ڪميٽي جي صدر تنوير پاستا سميت ڪيترائي جوابدار نامزد
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
تازھ ترين

گل پلازا آتشزدگي حادثاتي قرار، غفلت تي يونين ڪميٽي جي صدر تنوير پاستا سميت ڪيترائي جوابدار نامزد

admin
Last updated: June 29, 2026 7:42 am
admin
Share
SHARE

ڪراچي: گل پلازا سانحي بابت تيار ڪيل جاچ رپورٽ ۾ آتشزدگي کي حادثاتي واقعو قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مبينا غفلت ۽ لاپرواهي جي الزام هيٺ يونين ڪميٽي جي صدر تنوير پاستا سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

جيو نيوز موجب ڪراچي پوليس گل پلازا سانحي جي ڪيس جو چالان جاچ رپورٽ سميت پراسيڪيوشن وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گل پلازا جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ کي چالان جو حصو نه بڻايو ويو آهي.

جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فرانزڪ جاچ مان تصديق ٿي آهي ته باهه حادثاتي طور لڳي هئي. ان هوندي به پوليس ڪيس ۾ دڪاندار نعمت الله ۽ سندس 11 ورهين جي پٽ حذيفه کي جوابدار نامزد ڪيو آهي.

رپورٽ موجب گل پلازا يونين جي صدر تنوير پاستا، نائب صدر عمار اسماعيل، جنرل سيڪريٽري محمد امين ۽ جوائنٽ سيڪريٽري محمد رمضان کي به ڪيس ۾ جوابدار بڻايو ويو آهي، جڏهن ته پوليس انهن سڀني کي مفرور قرار ڏنو آهي.

جاچ رپورٽ مطابق گل پلازا ۾ لڳل باهه سبب 72 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته چئن فوتين جا باقيات اڃا تائين ڪنهن به وارث وصول نه ڪيا آهن. پنجاب فرانزڪ ليبارٽري جي رپورٽ موجب واقعي واري هنڌ تان ڪنهن به قسم جو ڌماڪيدار مواد نه مليو.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته باهه جي شروعات دڪان نمبر 193 مان ٿي. جاچ موجب دڪاندار نعمت الله اڪثر پنهنجو 11 ورهين جو پٽ حذيفه دڪان تي ويهاري پاڻ هليو ويندو هو. رپورٽ موجب حذيفه پاران ماچس جون تيليون ٻاري اڇلائڻ سبب مصنوعي گلن کي باهه لڳي، جنهن کان پوءِ باهه تيزي سان پکڙجي وئي. جاچ ۾ نعمت الله ۽ حذيفه کي غفلت ۽ لاپرواهي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هڪ ننڍي عمر جي ٻار کي دڪان تي ڪم ڪرڻ کان نه روڪڻ به مارڪيٽ يونين جي غفلت هئي. باهه لڳڻ کان پوءِ يونين طرفان نه ته هنگامي ادارن کي بروقت اطلاع ڏنو ويو ۽ نه ئي فوري مدد طلب ڪئي وئي.

جاچ موجب گل پلازا جا سڀئي گيٽ بند هئا ۽ يونين انتظاميا طرفان وقت سر اهي کوليا نه ويا، جنهن سبب اندر موجود ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ ۾ شديد ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. رپورٽ ۾ بند دروازن کي پڻ انتظامي غفلت قرار ڏنو ويو آهي.

جاچ رپورٽ موجب يونين جي صدر تنوير پاستا ڪي اليڪٽرڪ کي فون ڪري عمارت جي بجلي بند ڪرائي، جنهن کان پوءِ اندر اونداهه ڇانئجي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو عمارت مان محفوظ نموني ٻاهر نڪري نه سگهيا. رپورٽ ۾ انهن سڀني معاملن کي سانحي دوران جاني نقصان وڌڻ جا اهم سبب قرار ڏنو ويو آهي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article دهشتگردي جي واقعن کان پوءِ پاڪستان جون افغان صوبن پڪتيا، پڪتيڪا ۽ ڪنڙ ۾ ڪارروايون، 25 دهشتگرد مارجي ويا
Next Article وينزويلا ۾ تباهه ڪندڙ زلزلي کان چار ڏينهن پوءِ ٻن ٻارن سميت وڌيڪ 4 ڄڻا ملبي مان جيئرا ڪڍيا ويا
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار…

October 21, 2026

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15…

October 21, 2026

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ آبي حقن جي ڀڃڪڙي کي جنگي قدم سمجهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز…

October 21, 2026

پاڪستان جو ڀارت ۾ شيڊيول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اوور…

October 21, 2026

لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پارڪنگ اسٽينڊ جي ملازم کان…

October 21, 2026

You Might Also Like

تازھ ترين

ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي حاجي انور جعفري پاران پاڪ رينجرز ۽ سيڪيورٽي فورسن کي ڀيٽا

سکر (دانش راجپوت): گل باٽلر لميٽيڊ پاڪولا جي رهاڪو ڊائريڪٽر حاجي انور جعفري ڪراچي جي يونيورسٽي روڊ تي قائم هڪ…

5 Min Read
تازھ ترين

ڪراچي: ضلعي ڏکڻ پوليس جا روزاني ڪومبنگ سرچ آپريشن جاري، 6 ڄڻا حفاظتي تحويل ۾

ڪراچي (29 جون 2026): ايس ايس پي ضلعي ڏکڻ مهزور علي جي هدايتن تي ضلعي ڏکڻ جي مختلف علائقن ۾…

2 Min Read
تازھ ترين

ايران-اسرائيل جنگ: آمريڪي سفير جو ڪمانڊ سينٽر ۾ 6 هفتا گذارڻ جو انڪشاف

اسرائيل ۾ مقرر آمريڪي سفير مائڪ هَڪَبي انڪشاف ڪيو آهي ته ايران-اسرائيل جنگ دوران هن تقريباً 6 هفتا ڪمانڊ سينٽر…

1 Min Read
تازھ ترين

ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت کان استعيفائن جو مطالبو

ڪراچي (28 جون 2026): ايم ڪيو ايم پاڪستان صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?