ڪراچي (29 جون 2026): ايس ايس پي ضلعي ڏکڻ مهزور علي جي هدايتن تي ضلعي ڏکڻ جي مختلف علائقن ۾ ڏوهاري عنصرن خلاف روزاني بنيادن تي ڪومبنگ سرچ آپريشن جاري آهن.
پوليس موجب آپريشنن جو مقصد ڏوهاري عنصرن جي سرگرمين کي روڪڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي.
ترجمان ضلعي ڏکڻ پوليس موجب سرچ آپريشن لاڳاپيل ايس ڊي پي اوز جي نگراني هيٺ ڪيا ويا، جڏهن ته سمورا ايس ايڇ اوز پنهنجي نفري سان گڏ موقعي تي موجود رهيا ۽ ڪارروائين ۾ ڀرپور حصو ورتو.
آپريشن دوران ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ناڪابندي ڪري مشڪوڪ ماڻهن ۽ گاڏين جي جامع چڪاس ڪئي وئي. ان کان علاوه هوٽلن ۽ عارضي رهائشگاهن جي به تلاشي ورتي وئي، هوٽلن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ جي تصديق ڪئي وئي.
پوليس موجب سڀني ماڻهن جو ڊيٽا تلاش ڊيوائس ذريعي جانچيو ويو. ڪارروائي دوران مشڪوڪ سرگرمين جي بنياد تي 6 ڄڻن کي فوجداري ضابطه جي دفعه 54 تحت مختلف علائقن مان حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو، جڏهن ته انهن جي سڃاڻپ ۽ تصديق جو عمل جاري آهي.
ايس ايس پي مهزور علي هدايت جاري ڪئي آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ ڏوهن جي مؤثر روڪٿام لاءِ ضلعي ڏکڻ ۾ اهڙا ڪومبنگ سرچ آپريشن روزاني بنيادن تي بنا ڪنهن وقفي جي جاري رکيا ويندا.
