جدو: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سعودي عرب جي شهر جدي ۾ عالمي معيار جو جديد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن وچ ۾ ڪرڪيٽ جي واڌاري ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيون ڪيون ويون، جنهن تحت جدي ۾ هڪ جديد بين الاقوامي معيار جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تعمير ڪيو ويندو.
معاهدي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ۽ سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن جي چيئرمين صحيون ڪيون.
ايم او يو موجب ٻئي ادارا ڪرڪيٽ جي بنيادي ڍانچي جي ترقي، آپريشنل معيارن کي بهتر بڻائڻ، صلاحيتن ۾ واڌ ۽ راند جي فروغ لاءِ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار ڪندا.
ان موقعي تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ هي ڀائيواري نه رڳو ڪرڪيٽ جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، پر پاڪ-سعودي لاڳاپن کي پڻ وڌيڪ مضبوط بڻائيندي.
معاهدي تحت جديد ۽ مربوط ڪرڪيٽ بنيادي ڍانچي جي تعمير سان گڏ سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ جي واڌاري، نوجوان رانديگرن جي تربيت ۽ کين نوان موقعا فراهم ڪرڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو.
سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن جي چيئرمين چيو ته پاڪ-سعودي ڀائيواري صرف ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تعمير تائين محدود نه رهندي، پر هي منصوبو مملڪت ۾ ڪرڪيٽ جي روشن مستقبل جي بنياد رکڻ ڏانهن هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو.
