دوحا: قطر جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي آخري رسمن کانپوءِ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مذاڪرات ٻيهر شروع ٿيندا.
قطري اختيارين موجب دوحا ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ هلندڙ اڻ سڌين (بالواسطه) ڳالهين ۾ هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي.
قطري عملدارن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي آخري رسمن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مذاڪرات جو نئون دور ٻيهر شروع ڪيو ويندو.
