ڪيف: روس هڪ ڀيرو ٻيهر يوڪرين جي گاديءَ واري شهر ڪيف تي ميزائلن ۽ ڊرونن ذريعي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 34 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
يوڪريني اختيارين موجب روسي ڊرون ۽ ميزائل حملن ۾ رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو ويو.
يوڪريني فوج جو چوڻ آهي ته حملن دوران رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته مقامي اختيارين موجب حملن کانپوءِ هڪ هوٽل ۾ باهه لڳي وئي ۽ ڇهن ماڙ رهائشي عمارت پڻ ڊهي پئي.
ٻئي طرف روس جي بچاءَ واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪرين جي دنيپروپيٽرووسڪ ۽ پولتاوا وارن علائقن ۾ واقع هوائي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
