ويسٽ انڊيز پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 90 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. تروبا جي برائن لارا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ۾ ويسٽ انڊيز بالرن پاڪستاني بيٽنگ لائن تباهه ڪري ڇڏي. 211 رنسون حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم 120 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
قومي ٽيم طرفان بابر اعظم 58 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ٻين رانديگرن ۾ محمد عباس 23، محمد رضوان 11، خرم شهزاد 3، شان مسعود 3، اذان اويس 3، امام الحق 3، علي عثمان 2 جڏهن ته عامر جمال ۽ سلمان آغا بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويا.
ويسٽ انڊيز طرفان جيڊن سيلز 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جسٽسن گريوز ۽ ڪيمار روچ 2-2 جڏهن ته شمار جوزف 1 وڪيٽ حاصل ڪئي. انهي کان اڳ چوٿين ڏينهن ميزبان ٽيم 125 رنسون 7 رانديگر آئوٽ کان راند جي شروعات ڪئي. 181 تي 210 رنسن جي برتري سان سموري ٽيم آئوٽ ٿي وئي.
ڪيمار روچ ۽ شيمار جوزف اٺين وڪيٽ لاءِ 61 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي. ٻنهي 18 ۽ 36 رنسون اسڪور ڪيون. جوميل واريڪن 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته جيڊن سيلز 6 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان محمد عباس 5 وڪيٽون حاصل ڪيون. خرم شهزاد ۽ محمد علي 2-2 ۽ عامر جمال 1 رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
انهي حوالي سان پوسٽ ميچ پريس ڪانفرنس ۾ ڪپتان بابر اعظم چيو ته اسنا ٽيسٽ ۾ گڏيل طور تي سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، آخري ڏينهن بيٽنگ لائن ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي. بابر اعظم چيو ته نئين بال سان پريشانين جو اندازو هو لڳاتار وڪيٽون ڪرڻ سبب دٻاءُ وڌي ويو. پر 211 رنسن جو حدف حاصل ٿي سگهيو ٿي اسان ايندڙ ٽيسٽ ۾ بهتر راند ذريعي واپسي ڪنداسين.
