حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٻيهر اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پيٽروليم ڊويزن 29 جولاءِ جي لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ روپيو 63 پئسا في ليٽر جو اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 335 روپيه 81 پئسا في ليٽر ٿي وئي.
پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ به هڪ روپيو 55 پئسا في ليٽر جو اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 388 روپيه 38 پئسا في ليٽر ٿي وئي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ 53 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 303 روپيه 63 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
ياد رهي ته حڪومت گذريل ڏينهن ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيه 37 پئسا في ليٽر اضافي جو اعلان ڪيو هو جڏهن ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ هڪ روپئي جي گهٽتائي ڪئي وئي هئي.
