سکر (بيورو رپورٽ): سکر ڀرسان ببرلوءِ ابڙا اسٽاپ واسي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي، ماروي ڌيءُ الهڏايو شيخ ۽ الطاف ولد بگن شيخ، سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي اعليٰ اختيارين کان انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
احتجاج دوران جوڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته هنن چار مهينا اڳ خيرپور ۾ جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ پنهنجي مرضي سان قانوني شادي ڪئي هئي. سندن چوڻ هو ته شادي کان پوءِ ماروي جي والد الهڏايو شيخ، ڀائرن ذوالفقار ۽ علي مبينا طور بااثر ماڻهن ۽ علائقي جي وڏيرن جي مدد سان کين مسلسل هراسان ڪري رهيا آهن.
متاثر جوڙي الزام هنيو ته سندن خلاف شڪارپور ضلعي جي خانپور ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو، جڏهن ته سندن مهمان عاشق شيخ کي پڻ گرفتار ڪرائي مٿس بي بنياد ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
جوڙي وڌيڪ الزام هنيو ته عاشق شيخ جي گهرواري، جيڪا ماروي شيخ جي سڳي ڀيڻ سهجان شيخ آهي، تنهن کي سندس ٽن معصوم ٻارن سميت مبينا طور زبردستي قيد ڪري رکيو ويو آهي. هنن دعويٰ ڪئي ته کين قتل سميت سنگين نتيجن جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب سندن جان کي سخت خطرا لاحق آهن.
احتجاج ڪندڙ جوڙي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن خلاف داخل ڪيل مبينا ڪوڙا ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن، سهجان شيخ ۽ سندس ٽن معصوم ٻارن کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ کين انصاف سان گڏ مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبن تي ترت عمل نه ڪيو ويو ته هو احتجاج طور سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ٻاهران خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، جنهن جي سموري ذميواري، سندن چوڻ موجب، ماروي جي وارثن ۽ شڪارپور پوليس تي عائد ٿيندي.
