آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايران ۾ پاسداران انقلاب جي ڪيترن ئي فوجي حدفن تي وڏي پيماني تي فضائي حملا ڪيا آهن.
آمريڪي اختيارين موجب اها ڪارروائي هڪ ڏينهن اڳ آمريڪي فوج تي ڪيل مبينه ايراني بيلسٽڪ ميزائل حملي جي جواب ۾ ڪئي وئي. سينٽ ڪام جي بيان موجب حملن ۾ ايران جي مختلف علائقن ۾ واقع فوجي ڪمانڊ سينٽرز، ميزائل ۽ ڊرون ٺڪاڻا، سامونڊي دفاعي مرڪز ۽ بحري فوجي صلاحيتن وارن حدفن کي نشانو بنايو ويو.
آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته اهڙن حملن جو مقصد خطي ۾ موجود آمريڪي فوج عرب اتحادي ملڪ ۽ عالمي واپاري جهازن کي پيش ايندڙ خطن کي گهٽ ڪرڻ آهي.
ٻئي طرف ايراني ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته خميس جي صبح آمريڪا ڏکڻ ايران جي مختلف علائقن ۾ حملا ڪيا. ايراني خبرون ڏيندڙ ادارن موجب قشم ۽ آبادان ٻيٽ جي چوڌاري ڪيترن ئي هنڌن تي ميزائل حملا ڪيا ويا. صوبي برمزگان جي نائب گورنر احمد نفيسي انهي حوالي سان ٻڌايو ته مقامي وقت موجب صبح تقريبن 4 وڳي قشم ٻيٽ جي ڀرسان هڪ هنڌ کي آمريڪي فوج نشانو بنايو.
هوڏانهن ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي فارس صوبي خوزستان جي هڪ عهديدار جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته آبادان شهر جي چوڌاري به آمريڪي ميزائل حملا ٿيا آهن. پر ايران جي طرفان اهڙن حملن ۾ ٿيل امڪاني جاني يا مالي نقصان جا مڪمل تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا. جڏهن ته آمريڪي اختيارين به حملن جي نتيجن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ فراهم ناهي ڪئي.
دفاعي تجزيه ڪارن موجب تازا فضائي حملا انهي ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ فوجي ڇڪتاڻ هڪ دفعو ٻيهر شدت اختيار ڪري رهي آهي جنهن جا اثر نه صرف عرب خطي پر عالمي توانائي جي منڊين ۽ عالمي سلامتي تي به پئجي سگهن ٿا.
