• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: غيرقانوني افغان شهرين جي ڪراچي منتقلي روڪڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندر ادارا سرگرم، سهولتڪار نيٽ ورڪن خلاف ڪارروائيون تيز
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

غيرقانوني افغان شهرين جي ڪراچي منتقلي روڪڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندر ادارا سرگرم، سهولتڪار نيٽ ورڪن خلاف ڪارروائيون تيز

admin
Last updated: October 19, 2026 5:24 pm
admin
Share
SHARE

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت حب کان غيرقانوني طور ڪراچي آندل افغان شهرين ۽ سندن سهولتڪار نيٽ ورڪن خلاف ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته حڪومت ان حوالي سان زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي آهي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سنڌ حڪومت جي ترجمان نادر گبول چيو ته ڪراچي ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪندڙ نيٽ ورڪن خلاف ڪارروائيون وڌيڪ سخت ڪيون پيون وڃن.
هن چيو ته غيرقانوني ماڻهن کي شهر تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، رينجرز ۽ انٽيليجنس ايجنسين جونگڏيل ڪارروائيون جاري آهن.
نادر گبول حب کان افغان شهرين کي ڪراچي منتقل ڪرڻ ۽ غيرقانوني رهائش بابت تازي ڪارروائي کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت غيرقانوني پرڏيهين ۽ انهن لاءِ ڪم ڪندڙ مافياز ۽ نيٽ ورڪن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪري رکي آهي.
هن چيو ته معاملو رڳو غيرقانوني افغان شهرين تائين محدود ناهي، پر ڪراچي ۾ کين رهائش ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪندڙ ماڻهن خلاف به ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب، افغانستان کان غيرقانوني طور ايندڙ ماڻهو مختلف ڏکين ۽ ڏورانهين رستن ذريعي بلوچستان پهچن ٿا، جتان ڪجهه ماڻهو گاڏين، ٽرانسپورٽ جي ٻين ذريعن يا مقامي ايجنٽن جي مدد سان ڪراچي پهچڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
ٻئي پاسي گذريل ڏينهن سنڌ رينجرز ۽ ضلعي ويسٽ پوليس ڳجهي اطلاع جي بنياد تي سرجاڻي ٽائون ۾ بين الصوبائي انساني اسمگلرن خلاف گڏيل آپريشن ڪيو، جنهن دوران پنج ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ عبدالعزيز بروهي، محمد بخش دشتي، علي حسن بروهي، نديم بروهي ۽ جميل بروهي طور ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب، اهي غيرقانوني افغان شهرين يار محمد ۽ رسول خان کي ڪراچي منتقل ڪري رهيا هئا.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن وٽان هٿيارن ۽ منشيات سان گڏ غيرقانوني انساني اسمگلنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ سوزوڪي لوڊر گاڏي به هٿ ڪئي وئي آهي.
اختيارين موجب، جوابدار انساني اسمگلنگ سان گڏ هٿيارن ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ به ملوث آهن.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article گھوسٽ اسڪول“ تي سينسر بورڊ جي اعتراضن وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو
Next Article ڄامشوري جي آرٽ يونيورسٽيءَ ۾ ٻن شاگردياڻين جي ڄُنڊا پَٽَ، چماٽون هڻڻ واري وڊيو وائرل، جاچ شروع
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

سيڪريٽري ڊائريڪٽر ميڊم ڊاڪٽر درِ ناز صاحبه، ايڊمن ۽ مانيٽرنگ آفيسر ڊاڪٽر راجا هريش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال سانگهڙ ۾ قائم آر بي سي سيٽلائيٽ سينٽر جو تفصيلي دورو ڪيو

سانگهڙ،رپورٽ غلام رسول ناريجوسانگهڙ سنڌ بلڊ ٽرانسفيوژن اٿارٽي (SBTA) جي…

October 23, 2026

سيڪريٽري ڊائريڪٽر ميڊم ڊاڪٽر درِ ناز صاحبه، ايڊمن ۽ مانيٽرنگ آفيسر ڊاڪٽر راجا هريش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال سانگهڙ ۾ قائم آر بي سي سيٽلائيٽ سينٽر جو تفصيلي دورو ڪيو

سانگهڙ،رپورٽ غلام رسول ناريجوسانگهڙ سنڌ بلڊ…

October 23, 2026

ملڪ جي وڏي اداري جي شاگردن پاران پاڪستان سينيئر سٽيزن ايسوسيئيشن جي آفيس جو مشاھداتي دورو

حیدرآباد محبوب حسین بوزدار۔ بیوروسندھاڄ تاريخ…

October 23, 2026

ميڊم عفت قادر ملڪ جي اعزاز ۾ سکر ۾ شاندار الوداعي تقريب . تعليمي خدمتن کي ڀيٽا پيش

سکر (رپورٽ عادل خان ) ميڊم…

October 23, 2026

ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس دادو ۾ ماهوار کليل ڪچهري، ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا ٻڌي فوري حل لاءِ هدايتون جاري

دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر مختيار علي جتوئي…

October 23, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ملازمن جي جائز مسئلن حل لاء 9 سيپٽمبر تي ھاء ويز آفيس ۾ گڏجاڻي جو اعلان ڪندي جدوجھد تيز ڪرئڻ جو عزم ورجايو ويو

ملازمن جي اولاد لاء سن ڪوٽا ۽ ٻين مسئلن تي عمل نه ٿيو ته سپر هاء وي ڄامشورو بند ڪنداسينحيدرآباد…

2 Min Read
پاڪستان

ڪراچي: نالن ۾ ڪچرو، ملبو يا ڪنهن به قسم جي شيءِ وجهڻ تي پابندي

ڪراچي: شهر جي نالن ۾ ڪچرو، ملبو يا ڪنهن به قسم جي شيءِ وجهڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. جاري…

1 Min Read
پاڪستان

ايمرجنسي سان جمهوريت ۽ صوبائي خودمختياريءَ کي نقصان پهچندو: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته جمهوريت ۾ ڪنهن به چونڊيل حڪومت…

1 Min Read
پاڪستان

مولانا فضل الرحمان جو قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو، جمعي تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان

جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، اڳوڻي ايم پي اي ۽ نامياري عالمِ دين مولانا…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?