دوري دوران چوپائي مال، ڳئون،ميھن ۽ ٻڪرين کي موسمي ۽ متعدي بيمارين کان بچاءَ لاءِ مفت ويڪسين لڳائي وئي، جڏهن ته مالوندن کي جانورن جي بيمارين، خوراڪ ۽ بهتر سنڀال بابت ضروري دوائون ۽ آگاهي پڻ فراهم ڪئي وئي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام حيدر سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جي هدايتن تحت لائيو اسٽاڪ کاتي پاران ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪيمپون لڳائي مالوندن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، ته جيئن جانورن کي بيمارين کان محفوظ رکڻ سان گڏ کير ۽ گوشت جي پيداوار ۾ به اضافو آڻي سگهجي. هوڏانهن مالوندن لائيو اسٽاڪ کاتي جي ٽيم جي هن قدم کي ساراهيندي چيو ته مهانگائي جي دور ۾ مفت ويڪسين ۽ دوائن جي فراهمي سان کين وڏو رليف مليو آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهڙيون مفت ويڪسين ۽ طبي ڪيمپون مستقل بنيادن تي جاري رکيون وڃن
