ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي هدايتن تي حيدرآباد پوليس پاران سماجي براين ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي.
ايس ڊي پي او ڇلگري افتخار احمد بُرڙو جي نگراني هيٺ ايس ايڇ او هٽڙي غلام فاروق راهيپوٽو پنهنجي عملي سان گڏ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا.
هٽڙي پوليس گشت دوران ڳجهي اطلاع تي ٻن مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪندي عورتن سميت 15 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
پهرين ڪارروائي ڳوٺ ڪڪو منگواڻو ڀرسان جوابدار محمد اڪرم اعواڻ جي گهر تي ڇاپو هڻي ڪئي وئي، جتان محمد شهزاد علي راجپوت، محمد اڪرم اعواڻ، اورنگزيب ببر ۽ عورت جوابدار زنيِرا راجپوت، عظميٰ خاصخيلي ۽ نرمان لنڊ کي فحش حرڪتن ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.
ٻي ڪارروائي بختاور سٽي، هالا ناڪي وٽ جوابدار محمد صادق لنڊ جي گهر تي ڪئي وئي، جتان محمد صادق لنڊ، نياز حسين کوسو، عدنان شاهه، عاصم شهزاد ۽ عورت جوابدار حنا آرائين، ارم راجپوت، علشبہ شيخ، عائشه راجپوت ۽ صفيا سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا آهن:
1- ڪيس نمبر 283/2026، قلم 294 تعزيراتِ پاڪستان
2- ڪيس نمبر 284/2026، قلم 294 تعزيراتِ پاڪستان
