• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: صادق فقير ڊگري ڪاليج مٺيءَ ۾ آفيس سپرنٽنڊنٽ مھراڻ خان عمراڻي جي رٽائرمينٽ تي پروقار الوداعي تقريب
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

صادق فقير ڊگري ڪاليج مٺيءَ ۾ آفيس سپرنٽنڊنٽ مھراڻ خان عمراڻي جي رٽائرمينٽ تي پروقار الوداعي تقريب

admin
Last updated: August 17, 2026 7:12 am
admin
Share
SHARE

صادق فقير گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مٺيءَ ۾ ڪاليج جي آفيس سپرنٽنڊنٽ مھراڻ خان عمراڻي جي 60 سال عمر مڪمل ٿيڻ ۽ سرڪاري ملازمت مان رٽائرمينٽ جي موقعي تي هڪ پروقار الوداعي تقريب ۽ پارٽي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪاليج جي پرنسپال، ليڪچرارن، شاگردن، دوستن، مٽن مائٽن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب دوران مھراڻ خان عمراڻي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ان موقعي تي کيس اجرڪون ۽ لنگيون اوڍائي عزت افزائي ڪئي وئي. سندس خاندان جي ڊاڪٽر مرتضيٰ عمراڻي ۽ ڊاڪٽر نديم عمراڻي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. مھراڻ حبيب الله عمراڻي ولد حبيب الله عمراڻي جو تعلق ڳوٺ سجائي، تعلقو ڏيپلو، ضلعو ٿرپارڪر سان آهي. سندس تاريخِ پيدائش 12 آگسٽ 1966ع آهي. هن پنهنجي ابتدائي تعليم ڳوٺ سجائي مان حاصل ڪئي، جڏهن ته ميٽرڪ هاءِ اسڪول ڏيپلو مان، انٽر صادق فقير گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مٺي مان ۽ ايم اي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. مھراڻ خان عمراڻي پنهنجي سرڪاري ملازمت جي شروعات 22 سيپٽمبر 1986ع تي ڪئي. هن پنهنجي تقريباً 40 سالن جي سروس دوران مختلف سرڪاري ادارن ۾ ذميواريون نڀايون. سندس سروس جو اهم حصو، لڳ ڀڳ 18 سال، صادق فقير گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مٺي ۾ گذريو، جتي هن گريڊ 17 جي آفيس سپرنٽنڊنٽ طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان علاوه مھراڻ خان عمراڻي ميرپورخاص I.R. گرلز ڪاليج ۽ ماڊل ڪاليج ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن EDO آفيس عمرڪوٽ ۾ تقريباً 6 مهينا اڪائونٽس آفيسر طور، جڏهن ته EDO آفيس ٿرپارڪر ۾ تقريباً 2 سال اڪائونٽس آفيسر طور پڻ پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان نڀايون. تقريب کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته مھراڻ خان عمراڻي پنهنجي ڊيوٽي ۽ فرض کي هميشه ايمانداري، فرض شناسي ۽ ذميواري سان نڀايو. هن ڪڏهن به پنهنجي فرض ۾ غفلت نه ڪئي. جتي به خدمتون سرانجام ڏنائين، اتي علم جي لاٽ کي روشن رکڻ ۽ شاگردن جي مدد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هڪ بڙ جي وڻ وانگر ڇانوَ ڏيندڙ شخصيت جو مثال قائم ڪيو. مقررين وڌيڪ چيو ته مھراڻ خان عمراڻي ٿرپارڪر جهڙي پوئتي پيل ضلعي ۾ پنهنجي اولاد سان گڏ مٽن مائٽن ۽ ڳوٺ جي ڪيترن ئي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو ڳوٺ جي شاگردن کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندو هو ۽ ڪيترن ئي مستحق شاگردن جي تعليمي خرچن ۾ پڻ مدد ڪندو رهيو. مھراڻ خان عمراڻي هڪ مهمان نواز ۽ دوست نواز شخصيت طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. هو هميشه دوستن ۽ مهمانن کي عزت ۽ احترام ڏيندو رهيو آهي. وسڪاري جي مند ۾ پري پري کان ايندڙ مهمانن جي مهمان نوازي ڪرڻ سندس خاص خوبي رهي آهي. هو عمراڻي برادري جي هڪ معزز ۽ عزت واري شخصيت طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. مقررين سندس ڊگهي سرڪاري خدمتن، تعليمي خدمتن، شاگردن سان محبت ۽ سماجي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته رٽائرمينٽ سرڪاري ملازمت جو اختتام آهي، پر سماج لاءِ خدمتن جو اختتام نه آهي. اميد آهي ته مھراڻ خان عمراڻي مستقبل ۾ پڻ پنهنجي تجربي ۽ علم سان نئين نسل جي رهنمائي ڪندو رهندو. آخر ۾ تقريب ۾ شريڪ مهمانن پاران مھراڻ خان عمراڻي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو ۽ رب پاڪ کان سندس صحتمند، خوشحال ۽ ڊگهي زندگي لاءِ دعا گهري وئي. بعد ۾ سمورن مهمانن کي ريفريشمينٽ ڪرائي وئي ۽ تقريب خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پريالوءِ ۾ جشنِ آزادي جي شاندار ۽ رنگارنگ تقريب، قومي ۽ ثقافتي رنگن سان پنڊال گونجي اٿيو
Next Article مارڪيٽ پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروايون، بدنام زمانا سپلائر سميت 4 جوابدار گرفتار، 7 ڪلو کان وڌيڪ چرس ۽ گٽڪا هٿ
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي سخت ڌڪ، فاروق آباد ۾ سک برادري جي ڌرم شالا جي ڪريل ڀت ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

فاروق آباد (شيخوپوره): پاڪستان خلاف ڀارت پاران هلائي ويندڙ ڪوڙي ۽ بي بنياد پروپيگنڊا کي ان وقت سخت ڌڪ رسيو،…

6 Min Read
پاڪستان

نسلن کان ڌانڌلي ذريعي اقتدار ۾ ايندڙن کي آزاد ڪشمير ۾ ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏينداسين: بلاول جي(ن) ليگ تي تنقيد

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نالو کڻڻ کان سواءِ مسلم ليگ(ن) کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته…

2 Min Read
پاڪستان

شرجيل ميمن: ترقياتي منصوبن تي سخت فيصلا، عدالتي حڪم باوجود بي آر ٽي جو ڪم نه رڪندو

ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير براءِ ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمن چيو آهي ته حڪومت ترقياتي منصوبن کي…

3 Min Read
پاڪستان

حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز جي رڪنيت جي تجديد لاءِ 31 مارچ آخري تاريخ مقرر،

حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽري جي سيڪريٽري جنرل فرقان احمد لوڌي سڀني ميمبرن کي آگاهي ڏني آهي…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?