ٽنڊو الهيار جي چاڪي سومرن ۾ ھميشه فقيري رنگ موجود رھيو آھي ھي سڄي برادري حضرت شيخ موسي رحہ جي مريد رھي آھي جتي سالياني ميلي ۾ مھندي ۽ چادر جي رسم به آدا ڪئي ويندي آھي پاڻ ھر سال درگاهه حضرت شيخ موسي رحہ تي پھچي رسم ادا ڪندا آھن اتي شيخ برادري جا فقير محمد نواز شريف محمد عرس شيخ محمد اسماعيل شيخ محمد ھاشم شيخ ٻيا گڏجي چادر چاڙهيندا آهن ٽنڊو الهيار ميرپورخاص ڪراچي نصرپور مان چاڪي سومرا برادري درگاهه تي حاضري ڀريندا آھن مرشد جو ساليانو ميلي ۾ ھڪ سومرا فيملي جو ميلو به لڳندو آھي جيڪو ھڪ ھفتو جاري رھندو آھي ٻئي ڪنھن بہ برادري جو فرد ان ميلي ۾ شرڪت نه ڪندو آھي ھن خاندان ۾ ھڪ صوفي شاعر قادن فقير سدائين حضرت شاہ عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه حضرت ميون شاہ عنايت رضوي حضرت محمد فقير کٽياڻ محمد طالب المولي رحہ حضرت ولي محمد لغاري ۽ جھوڪ شريف ۾ حضرت سودي شاه عنايت جي حاضري ڀريندا ھئا اھڙن شاعرن جو جھوگارندا ھئا کيس ڪافي ڪلام ياد به رھندو ھيو اھو ئي سبب آهي جو قبلا سائين مخدوم طالب المولي رحہ سندس ڪلام کان متاثر ٿي ڪتاب ياد رفتگان ۾ ڇپرايو . قادن فقير کي ڪلام ۾ هيٺيان داستان موجود آهن ڪلام روپ ڪلياڻ ۾ 13 ڪلام روپ آسان ۾ 25 ڪلام سورٺ ۾ 28 ڪلام روپ جوڳ ۾ 13 ڪلام روپ تلنگ ۾ 28 ڪلام ڪوھياري ۾ 12 ڪلام روپ جوڳ ۾ 14 ڪلام سر ڏنا سري ۾ 13 ڪلام راڳ ديسي ۾ 8 ڪلام راڳ پوريا ۾ 1 ڪلام راڳ پھاڙي ۾ 5 ڪلام راڳ لوڙائو ۾ ھڪ وائي راڳ ملھار ۾ 2ڪلام راڳ آسام ۾ 2 ھندي ڀڄن مناجات ۾ 7 بيت شامل آهن سندس ڪلام ۾الف کان ي تائين 56 بيت ملن ٿا ھي معلومات سندس ڏوھٽي ارشاد احمد سومرو کان ملي ٿي اھو به معلوم ٿيو آھي تہ سندس خاندان جي محمد اغلم سومرو ھڪ نوجوان قادن فقير سومري جي ڪلام کي سھيڙي ھڪ ڪتاب سھيڙو آھي پر اڃان ڇپجي نه سگھيو آھي جيڪو ڇپجڻ گھرجي قادن فقير جي اولاد ۾ رمضان سومرو خادم سومرو محمد سومار سومرو موجود آهن ارشاد احمد سومرو ڊاڪٽر نديم سومرو سندس ڏھٽا آھن ھڪ ڏوھٽي ۾ شعر و شاعري ۽ سنگيت رنگ نظر اچي ٿو قادن فقير سومرو پنھنجي ڪلام ۾ فرمائي ٿو ھر جاء حڪم حق جو ظاھر منجھ ظھور قادن مڙئي مون اسرار ۾ آھي الف فقير قادن سومرو پنھنجي زندگي ۾ مرحوم محمد جمن سومرو جي نياڻي سان شادي ڪئي جنھن مان کيس اولاد موجود آھي پاڻ سير سفر سانگي ميرپورخاص جي گوٺن ۾ رئيس ڪمال خان پنھور وٺ اڪثر ويندا ھئا جتي ڏينهن ۽ راتيون گذاريندو جيڪي فقير جي خدمت ڪندا ھيا فقير جي ڪلام کي مرحوم فدا حسين خاصخيلي مرتب ڪيو . ھو به معلوم ٿيو آهي ته قادن فقير جو لکيل ڪجھ ڪلام ڪيول رام ميگھواڙ کان مليو ھو. جيڪو خاندان وٽ اڳي موجود ھيو. پر ھاڻي اڻلڀ ٿيندو وڃي فقير قادن سومري جو بمبئي نامون به اڻلڀ ٿي ويو آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪلام کي گڏ ڪري ھڪ ڪتاب ڇپرايو وڃي موجوده ۽ ايندڙ نسل کي خبر پئجي سگھي فقير فدا حسين خاصخيلي سال 1985ع کان 1990ع تائين فقير جي آخري آرام گاهه ڳوٺ شيخ موسي رحہ ۾ رھي ڪلام کي ڪتابي صورت ڏني سال 1991ع جي مارچ مھيني ۾ جمن فقير گذاري ويو قادن سومرو 75 سالن جي ڄمار ۾ سال 1985ع مطابق 4 رجب تي وصال ڪيو قادن فقير جي آخري آرام گاهه ڳوٺ شيخ موسي رحہ يوسي شاھپور رضوي تعلقو ۽ ضلع ٽنڊو الهيار ۾موجود آهي مزار کي چار ديواري به ڏنل آهي ھڪ علم پاڪ پڻ نصب ٿيل آھي رياض عمراڻي
