لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) وحدتِ سنڌ مارچ دوران گرفتار ڪيل ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ (شهيد بشير خان گروپ) جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو جاري آهي.
جسقم شهيد بشير خان گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته جيستائين گرفتار ٿيل ڪارڪن آزاد نه ٿيندا، تيستائين ڌرڻو جاري رهندو.
هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جا اتحادي ڀلي قلم 144 بدران هڪ هزار 44 لاڳو ڪن، پر سنڌ کي ورهائڻ نه ڏنو ويندو.
نياز ڪالاڻي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي ورهاڱي جي حق ۾ قومي اسيمبلي يا سينيٽ ۾ ڪا به قرارداد يا رٿ آندي وئي ته پنجاب ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويندا.
جسقم جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سڄو لاڙڪاڻو بند ڪيو ويو آهي.
هن سوال اٿاريو ته جڏهن اسيمبليءَ مان بل منظور ڪرايو ويو آهي ته پوءِ سنڌ واسين کي احتجاج ڪرڻ کان ڇو روڪيو پيو وڃي؟
هن چيو ته سرڪاري ”بچه پارٽيون“ پيپلز پارٽيءَ جو تحفظ ڪري رهيون آهن، جڏهن ته هو سنڌ جا سپاهي آهن.
رياض چانڊيو اهو سوال پڻ اٿاريو ته ڇا خيبرپختونخوا وانگر سنڌ ۾ به ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي؟
وحدتِ سنڌ مارچ دوران گرفتارين خلاف جناح باغ چوڪ تي رياض چانڊيو ۽ نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
