ايف آءِ اي موجب ڪارروائي ايس ڊي او آپريشن سب ڊويزن ڪوھسار حيسڪو حيدرآباد جي شڪايت جي بنياد تي ڪئي وئي. زمزم بيڪري ڀرسان لطيف آباد ۾ بجلي جي ڪنيڪشن جي چڪاس دوران مين سپلاءِ لائن مان غير قانوني ڊائريڪٽ ڪنيڪشن ذريعي بجلي استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو.
ايف آءِ اي ڪرائم سرڪل حيدرآباد جي ٽيم، جنهن ۾ انسپيڪٽر رمیش ڪمار، اي ايس آءِ هيتش ڪمار ۽ ٻيو عملو شامل هو، حيسڪو جي ايم اينڊ ٽي روٽري سيل-I ٽيم سان گڏجي ڇاپو هنيو. ڪارروائي دوران هڪ آرا مشين پي ٽي سي ايل تار ذريعي جنرل ڊسٽريبيوشن ٽرانسفارمر جي مين سپلاءِ مان سڌي ريت هلندي پڪڙي وئي.
پوليس موجب غير قانوني ڪنيڪشن ذريعي وڏي برقي لوڊ استعمال ڪيو پئي ويو، جنهن ۾ آرا مشين، رندا مشين، آرمڊا مشين ۽ اسٽينڊ فين شامل هئا. سموري لاڳاپيل مشينري، برقي سامان ۽ ٻيو لوازمات تحويل ۾ وٺي غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيو ويو.
ڪارروائي دوران صارف پاران غير قانوني ڊائريڪٽ ڪنيڪشن ذريعي آرا مشين هلائڻ بابت بيان پڻ ڏنو ويو، جنهن کي جاچ جو حصو بڻايو ويو آهي. اختيارين موجب ڪنهن به حيسڪو ملازم سميت ٻين ماڻهن جي ممڪن ڪردار جو تعين به جاچ دوران ڪيو ويندو.
دستياب ثبوتن جي بنياد تي مجاز اختيارين جي منظوري سان جوابدار دلشاد علي ولد محمد مشتاق ۽ اي ايل ايم شيراز حسين ولد ولايت حسين خلاف ايف آءِ آر FIR-CC-HYD(ACC)-23/26 داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ 1947ع جون لاڳو ٿيندڙ دفعات شامل ڪيون ويون آهن.
ايف آءِ اي موجب ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ بجلي چوري ۾ ملوث ٻين ماڻهن توڙي حيسڪو ملازمن جي ممڪن ڪردار بابت به قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
