سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڀڃ ڊاهه، باهين هنگامن ذريعي ڪراچي کي يرغمال بنائڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
پنهنجي بيان ۾ هن ڪراچي ۾ ڀڃ ڊاهه، باهين جي واقعن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي مقصد جي لاءِ شهرين جي زندگي اجيرن ڪرڻ ۽ شهر ۾ بدامني پکيڙڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته احتجاج جي نالي تي شهر کي يرغمال بنائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. احتجاج جي آڙ ۾ شهرين ۾ خوف، حراس پکيڙڻ احتجاج نه پر قانون کي چيلينج ڪرڻ آهي.
هن چيو ته جماعت اسلامي کي احتجاج جو حق آهي، پر شرپسند عناصر کي عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي ڇوٽ نٿي ڏئي سگهجي، رياست جي رٽ کي چيلينج ڪندڙن سان قانون موجب سختي سان منهن ڏنو ويندو.
سنڌ جي سينئر وزير چيو ته جيڪي ماڻهو باهه لڳائيندا، روڊ بند ڪندا ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائيندا، انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. احتجاج جي نالي تي ڪراچي کي يرغمال بنائڻ جي ڪوشش ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهرين جي جان، مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ذميواري آهي انهي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورنگي ۾ اڻڄاتل ماڻهن طرفان حالتون خراب ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي آئي جي پوليس کي واقعي جي فوري جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن هدايت ڪئي ته شرپسند عناصر جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پوليس کي ڪورنگي ۾ امن امان جي صورتحال ڪنٽرول ۾ رکڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪورنگي ڪراسنگ ۾ موٽر سائيڪلن کي باهه ڏيڻ ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
