حيدرآباد محبوب حسين بوزدار. بيورو چيف ٽنڊو الهيار ۾سخي موج دريا شاہ رضوي جي درگاه تي جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جشن صادقين عليه السلام جو اھتمام ڪيو ويو جنھن جو سالگراه جو ڪيڪ زوار عاصم سمون سيد زاھد حسين شاہ رضوي سيد علي ڪرار شاه رضوي ۽ ٻين ولادت سھادت جو ڪيڪ ڪاٽيو تمام اھل اسلام ڀائرن کي ائم معصومين کي ولادت جون مبارڪون پيش ڪيون. ٻئي طرف نعت خوان نديم خان گوپانگ الله داد خان گوپانگ سلمان علي ناياب آف ھالا جونيئر حسن صادق توڪل حسين ميرجت ڪميل خان ميرجت مظھر حسين سمون ممتاز علي ميرجت اسد علي ابڙو نوري نبي ناچيز نظر عباس ميرجت عزاز حسين حيدري عبدالرشيد حيدري گل حسن گل غلام مصطفي خاصخيلي عامر حسين سومرو ۽ ٻين نعت خوان بھترين انداز ۾ نذارانہ عقيدت جا اظھار ڪيو ھالا کان آيل سلمان علي ناياب زبردست خواني ڪئي ٻئي طرف ننڍڙ ڪمسن مظھر حسين سمون زبردست نعت خواني ڪئي نعت خوان کي گلن جا ھار پيش ڪيو ويو
ڪراچي کان آيل علامه ڊاڪٽر سيد ماجد رضا عابدي پنھنجي خطاب ۾ چيو ته دعوت ذل عشيره ۾ حضرت ابو طالب عليه السلام رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم رسالت جو اعلان ڪرايو ھو اھو دعوت 3 ڏينهن ھلي ھئي ھڪ ننڍڙي بار مولا علي عليه السلام پھرين رسالت جي گواهي ڏني حضور اڪرم صلي الله عليه ۽ سندن آل اھڙيون ھستيون آھن.جن تي خد خدا ۽ سندس ملائڪ درود شريف پڙھڻ ٿا علامه ڊاڪٽر سيد ماجد رضا عابدي وڌيڪ چيو ته قرآن شريف ۾ ارشاد مبارڪ آھي اي منھنجا نبي اڪرم تو کي سجدي گذارن ۾ منتقل ڪيو آهي ان مان اھو ثابت ٿيو ته سرڪار مير مدني جا والد گرامي سڀ سجدي گذار ھيا سجدو خدا سان ھڪ ملاقات آھي حضرت عبدالمطلب حضرت عبدالله حضرت ھاشم عبدابوطالب سڀئي مؤمن ۽ سجدي گذار ھيا ھن ڪائنات ۾ ھر ھڪ شئي پنھنجي ڪائنات کي خالق خدا جي توحيد ڪري ٿي جشن ميلاد سيد بابو شاہ راشدي زوار افتخار سمون اديب رياض عمراڻي انجنيئر فراز حيدر عمراڻي آفتاب فقير قريشي علي مراد رند وڪيل مير جت زوار لنجواني مبارڪ قمبراڻي سميت ڪيتريون ئي شرڪت ڪئي آخر ۾ ننگر جو اھتمام ڪيو ويو
ٽنڊو الهيار ۾ سخي موج دريا شاہ رضوي جي درگاه تي جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جشن صادقين عليه السلام جو اھتمام
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
