سانگهڙ (2 سيپٽمبر 2026 ھ.آ) ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن غلام قادر خان ٽالپر اڄ سانگهڙ پهتو، جتي هن ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ سارہ جاوید سان گڏجي سول اسپتال سانگهڙ جي مختلف شعبن جو تفصيلي دورو ڪري مريضن کي فراهم ٿيندڙ علاج معالجي، صحت جي سهولتن، صفائي سٿرائي ۽ اسپتال جي مجموعي انتظامن جو جائزو ورتو. بعد ۾ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن غلام قادر خان ٽالپر ڊپٽي ڪمشنر آفيس سانگهڙ پهتو، جتي هن روينيو کاتي جي آفيسرن سان اهم گڏجاڻي جي صدارت ڪئي. گڏجاڻي دوران ضلعي جي روينيو معاملن، سرڪاري زمينن، زمينن جي رڪارڊ، روينيو ڪيسن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر آفس ۾ ايس ايس پي سانگهڙ شاهنواز چاچڙ پڻ ڊويزنل ڪمشنر سان ملاقات ڪري ضلعي امن امان جي صورتحال بابت آگاه ڪيو جنهن بعد ڊويزنل ڪمشنر سول اسپتال سانگهڙ ۾ صحت سهولتن ۽ امن امان جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو. انهي بعد ڊويزنل ڪمشنر پاران ضلعي آفيسرن سان منعقد گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته صحت، تعليم ۽ ٻيون بنيادي ضرورتون عوام کي فراهم ڪرڻ اسان سڀ آفيسرن جو فرض آهي. گڏجاڻي دوران ڊويزنل ڪمشنر پاران ڊپٽي ڪمشنر سارہ جاويد ۽ ٻين ضلعي آفيسرن کان سندس ڪم ڪار بابت تفصيلي بريفنگ ورتي ۽ سختي سان هدايت جاري ڪيون ته هر هڪ آفيسر پنهجي حصي جو ڪم جلد مڪمل ڪن تي جئين عوام کي لاڀ حاصل ٿي سگهي. انهي موقعي تي ايڊيشنل ڪمشنر ٽو سيد عمار حسين، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عبدالمجيد زهراڻي، تمام اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود ھئا.
