سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏيپارجا پاران دستوري گڏجاڻي ضلع رابط سيڪريٽري نوشهرو فيروز محترم سائين سيد مختيار علي شاھ مختيار جي صدارت ۾ سنگت شاخ ڏيپارجا جي آفيس ۾ ٿي گذري جنھن ۾ محبتي ملاح غزل . معشوق محسن ابڙو غزل . راجا نديم نعت . آپا زرينا ملاح نثري نظم سعيد شيخ ترنم ۾ پنھنجي ڪافي پيش ڪئي محبتي ملاح . معشوق محسن ابڙو جي غزلن کي ڀرپور موٽ ڏني وئي آپا زرينا ملاح جي نثري نظم کي پڻ ساراھيو ويو ۽ چيو ت ھي نثري نظم ن پر بھترين آزاد نظم آھي سيد مختيار شاھ پنھنجي راء ڏيندي چيو ت سنگت شاخ ڏيپارجا جي جوائينٽ سيڪريٽري ادي زرينا ملاح ھڪ ادب سان گڏ ھڪ سماجي شعوري ذھن پڻ آھي ھر گڏجاڻي م پاڻ شريڪ ٿيندي آھي ۽ پنھنجون سٺيون لکڻيون پيش ڪندي آھي سندس جو اڄوڪو نظم پڻ شاندار جاندار آھي مان ادي زرينا کي سلام ٿو پيش ڪريان جيڪا ھنن سينئر ليکڪن جي وچ ۾ ويھي پنھنجون لکڻيون پيش ڪري ٿي مٿين کان علاوه سيد مختيار علي شاھ مختيار. اڳوڻو ضلع رابط سيڪريٽري سبحان سوز جتوئي . سھيل سولنگي . جانب ملاح . جبار مري . امداد مگسي . استاد بشير مگسي . صحافي مولائي ذولفقار چنا حسن رضا مگسي . پڻ پنھنجا پنھنجا رايا پيش ڪيا نوجوان راڳي عبدالجبار مري سائين مختيار علي شاھ جو غزل ۽ محبتي ملاح جو غزل ترنم ۾ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو۔صدارتي راء ڏيندي سيد مختيار علي شاھ مختيار ڪاروائي بوڪ تي لکيو ته سنگت شاخ ڏيپارجا جي سيڪريٽري محبتي ملاح ۽ سندس ساٿين کي مان سلام ٿو پيش ڪريان جيڪي ھن سخت گرمين ۾ ب ادبي سرگرميون جاري و ساري رکيو ٿا اچن ھر دفعي جيان اڄوڪي دستوري گڏجاڻي شاندار رھي جنھن ۾ چوڏنھن ادب دوستن شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ جن ٻن نوجوان ميمبرن راڳين جيڪي ترنم ۾ غزل ۽ ڪافي ڳائي تن تي موجود ساٿين ڀرپور داد ڏنو ان کان علاوہ معشوق محسن ابڙو ۽ محبتي ملاح جيڪي غزل پيش ڪيا تن ۾ خيال ترنم رڌم رواني موسيقي سان ٽٻٽار ھئا جن کي پڻ دوستن پڻ داد ڏنو ادي زرينا جي نثري نظم جيڪو آزاد نظم ھئو ان کي پڻ ڀرپور موٽ ملي . راجا نديم ملاح ربيع الاول مھيني جي مناسبت سان خوبصورت پنھنجي لکيل نعت پيش ڪئي جنھن تي پڻ دوستن سبحان الله چئي داد ڏنو . سنگت شاخ ڏيپارجا ٿوري وقت ۾ گھڻو ڪم ڪيو آھي مان اميد سان چوان ٿو ت شاخ ڏيپارجا ھڪ ڏينھن سنڌ جي جاکوڙي شاخن مان انڊلٺ جي رنگن جيان اڀري نروار ٿي بيھندي .گڏجاڻي جي شروعات شاھ لطيف جي بيت سان ڪئي ۽ ختم عبدالحڪيم ارشد جي سٽن سان ڪيو ھن گڏجاڻي ۾ 14 ادب دوستن شرڪت ڪئي . سڀني دوستن کي مانجھاندو پڻ ڪرايو ويو۔
