سنڌ ڄائي تي دنيا جي 45 قومن جو اعتماد! ڊاڪٽر روبينا شيخ ٻيو ڀيرو UNPO جي صدر چونڊجي وئي۔ ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌي قوم لاءِ تاريخي اهميت رکندڙ، وڏي اعزاز ۽ فخر جو ڏينهن آهي. ڊاڪٽر روبينا شيخ کي بنا مقابلي ٻيهر انريپريزنٽيڊ نيشنز آف پيپلز آرگنائيزيشن (UNPO) جو صدر چونڊيو ويو آهي. ڊاڪٽر روبينا شيخ جي ٻيهر چونڊ نه رڳو ورلڊ سنڌي ڪانگريس لاءِ هڪ اهم ڪاميابي آهي، پر سنڌي قوم لاءِ پڻ عالمي سطح تي وڏي عزت ۽ وقار جو باعث بڻيل آهي. سندن هيءَ ڪاميابي سنڌ جي حقن، آزادي، خودمختياري ۽ خود اراديت لاءِ عالمي سطح تي جاري جدوجهد کي وڌيڪ مضبوط آواز فراهم ڪري ٿي.انريپريزنٽيڊ نيشنز آف پيپلز آرگنائيزيشن دنيا جي مختلف علائقن ۽ قومن جي نمائندگي ڪندڙ هڪ عالمي تنظيم آهي، جنهن ۾ هن وقت 45 قومون شامل آهن، جيڪي پنهنجي آزادي، انساني حقن ۽ حقِ خود اراديت جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن. UNPO جي ماضيءَ ۾ شامل ڪجهه قومن ۽ عوام پنهنجي جدوجهد ذريعي ڪاميابي حاصل ڪري آزادي پڻ ماڻي آھي. ڊاڪٽر روبينا شيخ جو ٻئي مدي لاءِ بنا مقابلي صدر چونڊجڻ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته عالمي سطح تي سنڌي قوم جي آواز ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي جدوجهد کي اهميت ۽ اعتماد حاصل آهي. سنڌي قوم لاءِ هيءَ ڪاميابي يقيناً هڪ تاريخي قدم آهي، جيڪا سنڌ جي قومي حقن ۽ خود اراديت جي جدوجهد کي عالمي فورمن تي وڌيڪ نمايان بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.
