اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت سعودي عرب خلاف جاري حملن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي نشانو بڻائيندڙ حوثي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
پرڏيهي وزارت جي هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان چيو ته شهري آبادي ۽ اهم بنيادي ڍانچي تي حملا قبول ڪرڻ جوڳا ناهن ۽ اهي علائقائي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ سنگين خطرو آهن.
پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي حمايت جو عزم ورجايو.
ترجمان موجب، پاڪستان 11 آڪٽوبر تي سعودي عرب، مصر ۽ ترڪيه سان گڏ آر فور گروپ جي گڏيل بيان ۾ سعودي عرب تي حوثين جي جاري حملن جي مذمت ڪئي هئي ۽ انهن حملن کي فوري ۽ بنا ڪنهن شرط جي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.
ترجمان چيو آهي ته پاڪستان 18 ٻين ملڪن سان گڏ بيت المقدس ۾ ڪولمبيا جي سفارتخاني جي افتتاح جي مذمت ڪئي آهي.
ترجمان موجب، اهو قدم گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ابتڙ ۽ ٻه رياستي واري حل لاءِ نقصانڪار آهي.
ترجمان چيو ته 13 ۽ 14 آڪٽوبر تي عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي جي پاڪستان دوري دوران پاڪستان ۽ عمان جي گڏيل وزارتي ڪميشن جو اٺون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سامونڊي رابطن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ افرادي قوت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن پنجن معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون.
پرڏيهي وزارت موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار روس جي گهرو وزير ولاديمير ڪولوڪولتسيف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، ثقافتي رابطن، سياحت ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) سميت گهڻ طرفن فورمن تي سهڪار جاري رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو.
ترجمان موجب، اسحاق ڊار مالديپ، مصر ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان الڳ الڳ رابطا پڻ ڪيا، جن دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال، غزا ۽ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي ايندڙ اجلاس بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
دهشتگرديءَ جي خاتمي بابت پرڏيهي وزارت چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ جي هر قسم خلاف پنهنجو عزم ورجائي ٿو، پاڪستان افغان اختيارين تي زور ڏنو آهي ته اهي تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين دهشتگرد گروهن خلاف اثرائتا ۽ تصديق جوڳا قدم کڻن ۽ افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏين.
ترجمان موجب، اسحاق ڊار يورپي ڪميشن جي گهرو معاملن ۽ لڏپلاڻ بابت ڪمشنر ميگنس برونر سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ غيرقانوني لڏپلاڻ، انساني سمگلنگ ۽ پاڪستاني هنرمند ڪارڪنن لاءِ قانوني لڏپلاڻ جا موقعا وڌائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته عالمي جوهري توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي انٽرنيشنل فزيڪل پروٽيڪشن ايڊوائزري سروس مشن پاڪستان جو پهريون دورو ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو.
ترجمان موجب، مشن جوهري سلامتيءَ بابت پاڪستان جي قومي فريم ورڪ، شفافيت ۽ سهڪار کي ساراهيو.
پرڏيهي وزارت، هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) وچ ۾ ڊيٽابيس کي ضم ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون آهن.
سندس چوڻ هو ته ان قدم جو مقصد تعليمي سندن جي تصديق واري عمل کي آسان بڻائڻ ۽ شهرين کي وڌيڪ بهتر ڊجيٽل سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.
رياض ايئرپورٽ تي حوثين جي حملي جي مذمت، سعودي سان بيٺا گڏ آهيون: پاڪستان
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
