ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ صحت جي ماهرن، ڊاڪٽرن، طبي ۽ ڏندن جي تعليم سان لاڳاپيل ماهرن، محققن، شاگردن، پاليسي سازن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي.
ڪانفرنس جي مهمانِ خاص سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر طارق رفيع هو، جڏهن ته جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ،، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالباري فاونڈر انڊس هاسپيٽل ۽ وائيس چانسلر سهيل يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر سعيد قريشي ۽ ٻين اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.
برطانيا، آمريڪا ۽ يوگنڊا سميت مختلف ملڪن مان آيل ماهرن صحت جي شعبي ۾ تعليم، تحقيق، جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي سهڪار بابت خيالن جو اظهار ڪيو.
ڪانفرنس دوران صحت جي شعبي بابت پنج اهم موضوعن تي غور ڪيو ويو، جن ۾ بيمارين کان بچاءُ ۽ بهتر صحت، معياري طبي تعليم ۽ مسلسل سکيا، وچڙندڙ ۽ غير وچڙندڙ بيماريون، صنعت، جدت ۽ بنيادي ڍانچو، جڏهن ته پائيدار ترقي لاءِ ادارن وچ ۾ سهڪار شامل هئا.
ماهرن جو چوڻ هو ته بيمارين کان بچاءُ، وقت سر تشخيص، ڪميونٽي جي شموليت ۽ ثبوتن تي ٻڌل حڪمت عملين ذريعي صحت جي نظام تي دٻاءُ گهٽائي سگهجي ٿو.
ڪانفرنس ۾ طبي ۽ ڏندن جي تعليم کي جديد بڻائڻ، صحت جي ماهرن جي مسلسل تربيت، تحقيق کي عملي صحت جي خدمتن سان ڳنڍڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو.
شرڪت ڪندڙن چيو ته صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليمي ادارن، اسپتالن، حڪومت، صنعت، ڪميونٽيز ۽ عالمي ادارن وچ ۾ مضبوط رابطا ضروري آهن.
ڪانفرنس ۾ ڪي نوٽ ليڪچرز، سائنسي سيشنز، پينل بحث، تحقيقي پيپرز، پوسٽر سيشنز ۽ نيٽ ورڪنگ پڻ شامل هئا.
ڪانفرنس جي پڄاڻي تي علم، تحقيق ۽ سهڪار کي عملي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ وڌيڪ بهتر صحت، مضبوط صحت جي نظام ۽ پائيدار ترقي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي زور ڏنو ويو.
