ڪراچي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ويسٽ جي صدر عابد حسين ستي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سعيد غني جي سياسي قد ڪاٺ تي سوال اٿاريندڙن کي سمجهڻ گهرجي ته سياسي قد ڪنهن سرٽيفڪيٽ، ٽي وي ٽاڪ شو يا پريس ڪانفرنس سان نه، پر سالن جي سياسي جدوجهد، قربانين، مزاحمت ۽ عوام جي وچ ۾ بيهڻ سان ٺهندو آهي.هن چيو ته اڄ ڪراچي ۾ ڪجهه سياسي جماعتن جي گفتگو مان ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ اختلافِ راءِ بدران ”سعيد غني فوبيا“ انهن جي گڏيل سياسي حڪمت عملي بڻجي چڪي آهي. جيڪڏهن سعيد غني جي ڪا سياسي حيثيت ناهي ته پوءِ سياسي مخالفن جي هر ٻي تقرير ۾ سندس نالو ڇو اچي ٿو؟ ۽ جيڪڏهن سندس سياست ختم ٿي چڪي آهي ته پوءِ اڄ به مخالفن جي سياسي گفتگو جو مرڪز سعيد غني ڇو آهي عابد حسين ستي چيو ته سعيد غني جي سياسي جدوجهد اڄ کان شروع ناهي ٿي، پر اها هڪ اهڙي خاندان جي سياسي جدوجهد جو تسلسل آهي، جنهن جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. سندس والد عثمان غني جي شهادت هڪ تاريخي حقيقت آهي. سعيد غني ننڍپڻ ۾ اها قرباني ڏٺي ۽ ان کان پوءِ پنهنجي زندگي سياسي جدوجهد لاءِ وقف ڪري ڇڏي.هن چيو ته ڪراچي جي ڏکين سياسي دورن دوران خوف، دٻاءَ ۽ مشڪل حالتن جي باوجود سعيد غني پنهنجي سياسي آواز بلند رکيو. اڄ آرامده ماحول ۾ ويهي ڪنهن جي جدوجهد جو مذاق اڏائڻ آسان آهي، پر ڏکين حالتن ۾ ثابت قدم رهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.عابد حسين ستي چيو ته سياسي اختلافن کي ذاتي، نسلي يا لساني بنيادن تائين کڻي وڃڻ غير سنجيده سياست آهي. ڪراچي ڪنهن هڪ ٻولي، جماعت يا گروهه جي جاگير ناهي، پر مختلف ٻولين ۽ برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو گڏيل شهر آهي. سنڌ به انهن سڀني ماڻهن جي آهي، جيڪي هن ڌرتي سان محبت ڪن ٿا.
هن واضح ڪيو ته سنڌ کي ورهائڻ واري سياست جي سامهون پاڪستان پيپلز پارٽي خاموش نه رهندي. سياسي مقابلو ڪرڻو آهي ته ميدان ۾ ڪيو وڃي، تنقيد ڪرڻي آهي ته ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪئي وڃي، پر تاريخ کي مسخ ڪري، نفرت کي هٿي ڏئي ۽ ماڻهن کي لساني بنيادن تي ورهائي سياست ڪرڻ قبول نه ڪئي ويندي عابد حسين ستي چيو ته سعيد غني جي سياسي حيثيت جو فيصلو مخالفن جي نعرن سان نه، پر سندس ڊگهي سياسي سفر، چونڊ جدوجهد، پارٽي اندر ذميوارين ۽ عوامي سياست ۾ ڪردار سان ٿيندو. سياسي قد ڳالهين سان نه، پر وقت جي آزمائش ۾ ثابت قدم رهڻ سان ٺهندو آهي هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي آمريت جو مقابلو ڪيو آهي، جڏهن ته پارٽي جي ڪارڪنن جمهوريت لاءِ جيلون ڪاٽيون، شهادتون ڏنيون ۽ قربانيون ڏنيون آهن. پيپلز پارٽي جا ڪارڪن سياسي دٻاءَ ۽ الزامن کان نه ڊنا آهن ۽ نه ئي آئنده ڊڄندا.عابد حسين ستي سياسي مخالفن کي چيو ته نعرن بدران دليل سان، الزامن بدران ڪارڪردگي سان ۽ نفرت بدران عوامي خدمت سان مقابلو ڪيو وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي کي نفرت ۽ تعصب بدران جمهوري سياست، برداشت ۽ اتحاد ذريعي اڳتي وڌائڻ تي يقين رکي ٿي.هن ورجايو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوريت، اتحاد ۽ سنڌ جي وحدت واري مؤقف تان هڪ قدم به پوئتي نه هٽندي.سنڌ ڌرتي زنده باد!ڪراچي زنده باد!
جمهوريت پائنده باد!پاڪستان پيپلز پارٽي پائنده باد! عابد حسين ستي صدر، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعو ويسٽ
سعيد غني فوبيا ۾ مبتلا عنصر تاريخ مسخ ڪرڻ بدران پنهنجي سياست جو جواب ڏين: عابد حسين ستي.
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
