خيرپور خيرپور انسٽيٽيوٽ آف فزيوٿراپي اينڊ ريهيبليٽيشن سائنسز ۾ ڊِي پي ٽي پنجين جماعت جي سفيد ڪوٽ ۽ حلف برداري واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران اداري جي سربراهه، تدريسي عملي، انتظامي عملي ۽ سهڪاري عملي جي خدمتن ۽ محنت کي ساراهيندي کين شيلڊون پيش ڪيون ويون.
تقريب دوران اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور ميرس عمامه سولنگي ۽ اداري جي انتظامي سربراهه انجنيئر آصف لاشاري پاران عملي جي مسلسل محنت، تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ اداري جي ڪارڪردگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي شيلڊون پيش ڪيون ويون.
ان موقعي تي چيو ويو ته استادن، انتظاميا ۽ سهڪاري عملي جون خدمتون شاگردن جي بهتر تربيت، تعليم جي معيار کي وڌائڻ ۽ اداري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
تقريب ۾ اداري جي عملي جي محنت ۽ خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو ته گڏيل ڪوششن سان ئي تعليمي ادارن ۾ بهترين معيار ۽ ڪاميابي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
خيرپور فزيوٿراپي انسٽيٽيوٽ ۾ سفيد ڪوٽ ۽ حلف برداري تقريب، عملي کي شيلڊون پيش
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
