جيڪب آباد (رپورٽ عامر جان)جيڪب آباد: جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ضلعي جيڪب آباد جي مجلسِ عامله، تعلقن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين جو گڏيل اجلاس ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي صدارت هيٺ مدرسه مدينۃ العلوم ۾ منعقد ٿيو.اجلاس ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا سليم الله بروهي، مفتي عبدالشڪور کوسو، ڊاڪٽر خليل احمد کوسو، مولانا عبدالجبار رند، حاجي محمد عباس بنگلاني سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران نائب امير مفتي عبدالشڪور کوسو سميت پنجن ڪارڪنن تي ٿيل حملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ۽ ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. بعد ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) فيضان علي جي هدايت تي ڊي ايس پي غلام مصطفيٰ ابڙو جي اڳواڻي ۾ پوليس وفد جي يو آءِ اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، جنهن کان پوءِ مسئلن جي حل ۽ مناسب ڪارروائي جي خاطري تي احتجاج ملتوي ڪيو ويو. اجلاس ۾ انٽرنيشنل پيس ڪانفرنس جي ڪاميابي ۽ جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو جي جيڪب آباد دوري بابت پڻ مختلف فيصلا ڪيا ويا. اڳواڻن سنڌ جي وحدت، سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ جو عزم ورجائيندي چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به سازش کي قبول نه ڪيو ويندو. اڳواڻن حرمين شريفين جي حرمت ۽ تقدس جي تحفظ، امت مسلمه جي اتحاد، ملڪ ۾ امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگي جي فروغ تي پڻ زور ڏنو.
جيڪب آباد: جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ضلعي جيڪب آباد جي مجلسِ عامله، تعلقن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين جو گڏيل اجلاس
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
