صالح پٽ ( رپورٽ مير اسامہ شنباڻي) صالح پٽ ويجهو جنوجي ايٽ ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ۾ آرڊي 186وچ شهر ۾ شنباڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺين جي ڌڪن لڳڻ سبب ديدار علي شنباڻي سخت زخمي ٿي پيو.واقعي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ڇھاسي شهر ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ ڪنهن معاملي تان منهن ماري ٿي، جيڪا وڌي جهيڙي ۾ تبديل ٿي وئي. جهيڙي دوران ديدار علي شنباڻي کي لٺيون لڳيون، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو.اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، جڏهن ته زخمي ديدار علي شنباڻي کي پوليس ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.
ان موقعي تي زخمي جي ڀاءُ سليم شنباڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته سندس ڀاءُ تي ضمير شنباڻي، خدا بخش شنباڻي، آصف شنباڻي، نظير شنباڻي ۽ تنوير شنباڻي وارن وچ شهر ۾ حملو ڪري لٺيون هڻي زخمي ڪيو آهي.سليم شنباڻي مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندس ڀاءُ کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
هوڏانهن پوليس پاران واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جهيڙي جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو
صالح پٽ ،آرڊي 186وچ شهر ۾ شنباڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
