• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading:  حيدرآباد ۾ سيپٽمبر دوران ورتل آخري ماحولياتي سيمپل پوليو وائرس لاءِ منفي آيا ،زين العابدين ميمڻ
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
جنرل

 حيدرآباد ۾ سيپٽمبر دوران ورتل آخري ماحولياتي سيمپل پوليو وائرس لاءِ منفي آيا ،زين العابدين ميمڻ

admin
Last updated: October 9, 2026 9:31 pm
admin
Share
SHARE

حيدرآباد (رپورٽ علي غلام) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي صدارت هيٺ نومبر مهيني ۾ منعقد ٿيندڙ پوليو کان بچاءُ واري مهم جي تيارين ۽ گذريل مهيني سيپٽمبر 2026 جي پوليو مهم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ پوليو ايريڊيڪيشن ڪميٽي ۽ پوليو مهم جو جائزا  اجلاس اڄ ڊي سي ڪامپليڪس حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو مهوش ٻرڙو ، ڊي ايڇ او هيلٿ حيدرآباد پير غلام حسين ، شراڪتدار  ادارن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ پنجن سالن تائين جي ڄمار وارن سمورن ٻارن تائين پوليو ويڪسين جي رسائي کي يقيني بنائڻ، مهم جي موثر رٿابندي ۽ ادارن جو پاڻ ۾ ويجهي رابطي ۾ رهندي پوليو وائرس جي مڪمل خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورتن تي زور ڀريو ويو ان موقعي تي عالمي ادارا صحت جي نمائندي ۽ صحت کاتي جي عملدارن گذريل پوليو مهم جي ڪارڪردگي ، فيلڊ ۾ رهيل خامين ، مائيڪرو پلان، افرادي سگهه، سکيا ، ڪولڊ چين جي صورتحال ۽ ايندڙ مهم جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي آگاهي ڏني وئي _اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پوليو کان بچاءُ واري مهم 2 نومبر کان 8 نومبر 2026 تائين جاري رهندي جڏهن ته حيدرآباد ۾ سيپٽمبر دوران ورتل آخري ماحولياتي سيمپل پوليو وائرس لاءِ منفي آيا آهن دپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ  ماحولياتي نمونن جي منفي اچڻ کي مثبت اڳڀرائي قرار ڏيندي هدايت ڪئي ته گذريل مهم جي درپيش خامين جي نشاندهي ڪري انهن جو تدارڪ  ڪيو وڃي، هن خاص طور تي انڪاري ڪيسن، گهرن ۾ غير موجودگي جي ڪري ويڪسين کان محروم ۽ رهجي ويل ٻارن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته انڪاري ڪيسن وارين يونين ڪونسلن ۾ ترجيحي  بنيادن تي موثر اپاءَ اختيار ڪيا وڃن ته جيئن ڪو به ٻار پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي  ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد ڊاڪٽر پير غلام حسين پاران  ڪمزور ڪوريج وارن علائقن ۽ گهراڻن  جي نشاندهي ڪري فيلڊ ٽيمن جي تربيت ۾ سندن خامين کي دور ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته ضلعي ۾ 544 انڪاري ٻار جڏهن ته 7,636 ٻارڙا گذريل مهم کانپوءِ غير موجود آهن، انهن ٻارن جي پروفائلنگ ۽ ٻيهر رسائي لاءِ پڻ جوڳا قدم کنيا پيا وڃن _ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته مائيڪرو پلانز، ٽيمن جي صلاحيت، ويڪسين جي معيار ، نگراني ۽ ڪوريج جي سمورن پهلوئن  کي بهتر بڻائيندي ايندڙ مهم جي تياريون مڪمل ڪيون وڃن ۽ سمورن پنجن سالن تائين جي ڄمار وارن ٻارن جي ويڪسينيشن کي يقني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل اپاءَ اختيار ڪيا وڃن.
 

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article سنڌ حڪومت پاران سکر ۾ ٽراما سينٽر جو قيام عوام لاءِ هڪ وڏو تحفو آهي، احمد علي قريشي
Next Article پاڪستان جو بين الاقوامي گروپ آھي ،جن پنجاب جي مختلف شھرن ۾ اھڙي قسم اي ڏوھ ڪندا رھيا آھن. ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل کوسو
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ڊپٽي ڪمشنر بدين جو اڪرم واهه، وھڻائي شريف ويجهو زيرِ تعمير پل جو دورو، تعميراتي ڪم معياري بڻائڻ ۽ جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

بدين ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد اڪرم واهه، وھڻائي شريف…

October 22, 2026

ڊپٽي ڪمشنر بدين جو اڪرم واهه، وھڻائي شريف ويجهو زيرِ تعمير پل جو دورو، تعميراتي ڪم معياري بڻائڻ ۽ جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

بدين ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد…

October 22, 2026

حيدرآباد: جونيجو ڪالوني ۾ گهر تي ٻيهر حملي جو الزام، عورت ۽ معصوم نينگري سميت ڪٽنب تي تشدد جي دعويٰ، متاثر خاندان جو انصاف ۽ تحفظ لاءِ اعليٰ پوليس اختيارين کي اپيل

حيدرآباد (خصوصي رپورٽ): حيدرآباد جي جونيجو…

October 22, 2026

تاريخي امروٽي مسجد خلاف نوٽيس نامنظور، نوٽيس واپس ورتو وڃي – مطالبو

سکر (عبدالجبارنوناري) تاريخي امروٽي مسجد کي…

October 22, 2026

حيدرآباد جي لطيف آباد نمبر 7 ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي ظالم مڙس پنهنجي ئي بيگناھ زال تي سخت تشدد زخمي ڪري ڇڏيوآهي

حيدرآباد محبوب حسين. بوزدار. بيوروسندھ حيدرآباد…

October 22, 2026

You Might Also Like

23-8-2026

0 Min Read
پاڪستانجنرل

ليپرڊ ڪورئير ڪمپني جي قاسم آباد برانچ سميت حيدرآباد جي ڪورئير سروس جا ريٽ 45 کان۽ 50 روپيا وڌيڪ وصول ڪيا

حيدرآباد(محبوب حسين بوزدار بيوروسنڌھ)ليپرڊ ڪورئير ڪمپني جي قاسم آباد برانچ سميت حيدرآباد جي ڪورئير سروس جا ريٽ 45 کان۽ 50…

2 Min Read
جنرل

محمد علي تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو جرمانو

لاهور: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 11 ۾ حيدرآباد ڪنگز مين جي فاسٽ بولر محمد علي تي ميچ…

1 Min Read
جنرل

“علم ۽ تقويٰ جو هي ستارو هميشه ياد رکيو ويندو” – آفريدي جو مولانا ادريس جي شهادت تي ڏک جو اظهار

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جید عالمِ دين ۽ اڳوڻي ايم پي اي، جي يو آءِ…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?