نوشھروفيروز (رپورٽ عطا حسين )نوشھروفيروز ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل کوسو جي ھدايتن تي ڊي ايس پي ڊاڪٽر محمد موسیٰ ابڙو ، سي آئي انچارج امداد جاگيراڻي ، ايس ايڇ او غلام مرتضیٰ گورچاڻي ، ۽ آئي ٽي انچارج نصرالله موجائي جي گڏيل ڪاروائي بينڪن مان اي ٽي ايم ڪارڊ مٽا سٽا ڪروڙن رپين جي بينڪن مان اي ٽي ايم ڪارڊ جي ذريعي ماڻھن کي ٺڳيندڙ بينل اقوامي گروه جا مين جوابدار چار ڄڻا گرفتار ڪري ورتا جنھن ۾ گينگ جو مين سربراه محرم عرف پرويز چانڊيو، ظھير چانڊيو، عرفان بلادي جن جو تعلق سانگھڙ سان ٻڌايو وڃي ٿو چوٿون جوابدار نومان ھنڳورو ، جنھن جو تعلق کپرو شھر جو ٻڌايو وڃي ٿو جوبدارن وٽان ، 12 لک ڪيش ، ۽ ھڪ قيمتي ڳاڏي ديپال ڪمپني جي آھي جنھن جي قيمت ھڪ ڪروڙ کان مٿي ٻڌائي وڃي ٿي، گاڏي سان گڏ مختلف جالي نمبر پليٽون جيڪي جوابدار مختلف شھرن ۾ پھنجي گاڏي جا نمبر چينج ڪندا رھندا ھئا ، سندن قبضي مان اي ٽي ايم ڪارڊ مختلف بينڪن جا سوين ڪارڊ پڻ ھٿ ڪيا ويا آھن ، جوبدارن ضلعي نوشهرو فيروز جي پنجن ئي تعلقن جنھن ۾ محرابپور ،ڪنڊيارو ، نوشهرو فيروز، مورو ، بھريا ، جي مختلف شھرن جھڙوڪ پڊعيدن ، بھريا روڊ ، مورو جي بينڪن،۾ ايندڙ وپاري طبقي ملازم طبقي سان ڦراڊ ڪري اي ٽي ايم ڪارڊ تبديل ڪري ڪروڙين رپين جو گبن ڪيو ويو آھي ،ڊي ايس پي نوشهرو فيروز، محمد موسیٰ ابڙو، ايس ايڇ او نوشهرو فيروز، پھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ھي پاڪستان جو بين الاقوامي گروپ آھي ، جن پنجاب جي مختلف شھرن ۾ اھڙي قسم اي ڏوھ ڪندا رھيا آھن جڏھن ته انويسٽيگيشن دوران ٻڌايو آھي ته اسان سان گڏ ڏھن کان مٿي ٻيا جوابدار به شامل آھن جيڪي جنھن ۾ جيب ڪترا آھن جيڪي روڊ تي گاڏيون بيھاري ڦر ڪرڻ کان پوء ھڪ شھر کان ٻئي شھر ويندا آھن ، ايس ايڇ او نوشهرو فيروز ٻڌايو ته ضلعي نوشھروفيروز جي حد ۾ ڪنھن به ماڻھو سان اھڙو ڦراڊ ٿيل ھجي ته پي ايس نوشهرو فيروز پھچي ايف آئي آر ڪٽرائي ڇو جو جوابدرن وٽان مليل سوين ڪارڊن ۾ پيسن جو امائونٽ به ملي سگھي ٿو،ان معاملي تي سياسي سماجي شھرين پاران ڊي ايس پي، ۽ نوشهرو فيروز جي ان عملي کي سھرايو ويو ،
پاڪستان جو بين الاقوامي گروپ آھي ،جن پنجاب جي مختلف شھرن ۾ اھڙي قسم اي ڏوھ ڪندا رھيا آھن. ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل کوسو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
