بدين (رپورٽ محفوظ شاھ) ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو ايريڊيڪيشن ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ 2 نومبر کان شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاءَ واري قومي مهم جي انتظامن، مائيڪرو پلان ۽ مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن جي ذميوارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل ڄام علي اصغر هاليپوٽو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي ۽ مختلف کاتن جي لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين ضلعي ڪائونسل ڄام علي اصغر هاليپوٽو چيو ته پوليو مهم دوران ضلعي ڪائونسل طرفان روينيو ۽ صحت کاتي سان مڪمل سهڪار جاري رکيو ويندو. هن چيو ته يونين ڪائونسلن جا چيئرمين پڻ مهم دوران عملي طور ميدان ۾ موجود هوندا، جيئن عوام کي گهر گهر وڃي پوليو جي خطرناڪ اثرن بابت آگاهي ڏئي سگهجي. هن خاص طور تي ريفيوزل ڪيسن کي ختم ڪرڻ لاءِ يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن جي ڪردار کي اهم قرار ڏيندي چيو ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ ضلعي ڪائونسل طرفان هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد چيو ته پوليو کان بچاءَ واري قومي مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ تعلقا فوڪل پرسنز جو ڪردار ۽ ذميواريون انتهائي اهم آهن. هن لاڳاپيل تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي تعلقا فوڪل پرسنز سان گڏجاڻيون ڪري مائيڪرو پلان کي بهتر ۽ اثرائتو بڻائين، جڏهن ته مائيڪرو پلان سان لاڳاپيل مسئلن کي تعلقي سطح تي حل ڪيو وڃي ته جيئن مهم دوران ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ کي بروقت ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ پي پي ايڇ آءِ جو ڪردار پڻ انتهائي اهم آهي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي پنهنجي ذميواريون ڀرپور نموني ادا ڪرڻيون پونديون ڊپٽي ڪمشنر سوشل ويلفيئر آفيسر کي هدايت ڪئي ته شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عام ماڻهن کي پوليو وائرس جي خطرن ۽ بچاءَ جي طريقن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ سماجي ڀلائي وارين تنظيمن ۽ اين جي اوز جي سهڪار سان اثرائتي آگاهي مهم هلائي وڃي، جيئن والدين ۾ شعور پيدا ڪري پوليو جي خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي هن وڌيڪ چيو ته پوليو جهڙي خطرناڪ بيماري جو خاتمو رڳو حڪومتي ڪوششن سان ممڪن ناهي، پر ان لاءِ سموري سماج کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو. ٻارن جي صحتمند مستقبل لاءِ هر والدين کي پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي پوليو مهم ۾ ڀرپور سهڪار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پوليو وائرس کان بچاءَ جو سڀ کان اثرائتو طريقو حفاظتي ڦڙا آهن، جيڪي ٻارن ۾ بيماري خلاف مدافعتي قوت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ان ڪري پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي هر مهم دوران پابنديءَ سان پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ يقيني بڻايو وڃي اجلاس دوران ڊاڪٽر ڪريم بخش گاڏاهي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2 نومبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران پيدائش کان پنجن سالن تائين جي عمر وارن 3 لک 91 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. هن ٻڌايو ته مهم لاءِ 85 يو سي ايم اوز، 341 ايريا انچارجز، 1,480 موبائل ٽيمون، 70 فڪسڊ سائيٽون، 48 ٽرانزٽ پوائنٽ ٽيمون ۽ 84 اي پي آءِ سينٽر مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي مهم دوران ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪندا گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، اسسٽنٽ ڪمشنر بدين راجيش دلپت، اسسٽنٽ ڪمشنر شهيد فاضل راهو محمد عاطف شفيق، اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي ڊاڪٽر راشد چنا، اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو باگو ثناءُ الله صدر، اسسٽنٽ ڪمشنر تلھار جامڻ داس سونارو، ڊي ايس پي بدين شڪيل سولنگي، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر وسيم عباس خواجه، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ممتاز چانڊيو، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آءِ بدين بي رضيه اڄڻ، اي پي آءِ فوڪل پرسن ڊاڪٽر عباس ملاح، ڊاڪٽر ثناءُ الله، ڊي آءِ بي انچارج انسپيڪٽر محمد خان سومرو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن دين محمد ڏيرو، چيف ميونسپل آفيسر بدين شيراز احمد، سي سي او دانش خواجه،ڊسٽرڪٽ مينيجر هينڊز حيدر علي پنهور ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
