لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم اڄ پنهنجي 32هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.
15 آڪٽوبر 1994ع تي لاهور ۾ جنم وٺندڙ بابر اعظم پنهنجي شاندار بيٽنگ، مستقل مزاجي ۽ رڪارڊ ساز ڪارڪردگيءَ سبب عالمي ڪرڪيٽ ۾ نمايان مقام ماڻيو آهي.
بابر اعظم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي شروعات 2015 ع ۾ ون ڊي فارميٽ سان ڪئي، جڏهن ته 2016ع ۾ ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ به پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.
پنهنجي بهترين ٽيڪنڪ، خوبصورت ڪور ڊرائيو ۽ مسلسل رنسون ٺاهڻ جي صلاحيت سبب بابر اعظم دنيا جي وڏن بيٽرن ۾ شامل ٿيو. هو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪيئي ڀيرا آءِ سي سي جي عالمي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي به رهيو.
قومي ٽيم جي قيادت دوران بابر اعظم ڪيترن ئي اهم مقابلن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ ٽنهي فارميٽس ۾ ڪپتاني جا فرض سرانجام ڏنا.
واضح رهي ته 18 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز ۾ بابر اعظم به ايڪشن ۾ نظر ايندو،
ڪنگ بابر اعظم جي 32 هين سالگرهه، ٽه ملڪي سيريز ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
