گهوڙاٻاري (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد سنڌ جي سچائي، بهادري ۽ قومي جدوجهد جا روشن نشان آهن، جن کي سنڌي قوم ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. شهيدن جون قربانيون تاريخ ۾ هميشه ياد رکيون وينديون ۽ سندن رت سان تاريخ ضرور انصاف ڪندي.
گهوڙاٻاري ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي صنعان خان قريشي چيو ته سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري فڪر ۽ پرامن جدوجهد جي واٽ تي هلندڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي جساف شاگردن تي گوليون هلائي کين شهيد ڪيو ويو. اڄ اسان انهن شهيدن کي قومي سلام پيش ڪرڻ ۽ سندن قربانين کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پهتا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ جي انچ انچ جا وارث آهيون ۽ ڌرتيءَ ماءُ جي هڪ ٽڪري تي به ڌارين جو قبضو قبول نه ڪنداسين، سنڌي قوم جي حقن جي حاصلات، سنڌ جي وسيلن جي تحفظ ۽ قومي مفادن لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.
صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ جا وسيلا، زمينون ۽ روزگار جا موقعا سنڌ جي ماڻهن جي حقن ۽ مفادن کي نظر ۾ رکندي استعمال ٿيڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ مان بک، بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ لاقانونيت جو خاتمو آڻي صوبي ۾ امن، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي بنيادي حق، روزگار جا موقعا ۽ پنهنجي وسيلن تي اختيار ملڻ گهرجي، جيئن سنڌ ۾ خوشحالي ۽ امن جو ماحول پيدا ٿي سگهي.
سنڌ جي انچ انچ جا وارث آهيون، ڌرتيءَ ماءُ جي هڪ ٽڪري تي به ڌارين جو قبضو قبول نه ڪنداسين: صنعان قريشي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
