پشاور (ويب ڊيسڪ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) پشاور ڪارروائي ڪندي هڪ نابالغ ڇوڪري کي مبينا طور آن لائن بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
اين سي سي آءِ اي جي ترجمان موجب، جوابدار مبينا طور ڇوڪريءَ جون اعتراض جوڳيون تصويرون ايڊٽ ڪري واٽس ايپ ذريعي کيس بليڪ ميل ڪري رهيو هو ۽ کانئس ڀنگ پڻ گهري رهيو هو.
ترجمان ٻڌايو ته ڪارروائي دوران جوابدار جي قبضي مان هڪ ليپ ٽاپ ۽ ٻه موبائل فون هٿ ڪيا ويا.
هٿ آيل ڊوائيسز جي شروعاتي ٽيڪنيڪي جاچ دوران اعتراض جوڳي مواد ۽ مبينا سوشل ميڊيا اڪائونٽ سان لاڳاپيل ثبوت سامهون آيا آهن.
اين سي سي آءِ اي موجب، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، جيئن امڪاني طور ٻين متاثر ماڻهن ۽ ڏوهه جي سمورن پهلوئن جو پتو لڳائي سگهجي.
اين سي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد علي ناصر رضوي چيو آهي ته ٻارن خلاف سائبر ڏوهن ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن.
هن چيو ته نابالغ ٻارن کي آن لائن هراسان ڪرڻ ۽ بليڪ ميلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي جاري رکي ويندي.
نابالغ ڇوڪري جون ايڊٽ ڪيل تصويرون موڪلي ڀنگ گهرڻ جو الزام، جوابدار پشاور مان سوگهو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
