اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نوجوانن جي دلچسپي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي.
نيشنل ڪليئرنگ ڪمپني آف پاڪستان (اين سي سي پي ايل) طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، آگسٽ 2025ع کان سيپٽمبر 2026ع تائين 14 مهينن دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2 لک 54 هزار کان وڌيڪ نوان اڪائونٽ کوليا ويا، جن مان 46 سيڪڙو اڪائونٽ 18 کان 30 سالن جي نوجوانن جا هئا.
سيپٽمبر 2026ع ۾ رڪارڊ 25 هزار 281 نوان سيڙپڪار مارڪيٽ ۾ شامل ٿيا، جن مان 54 سيڪڙو نوجوان آهن.
حيدرآباد سان واسطو رکندڙ 23 ورهين جي شاگردياڻي ۽ ڪنٽينٽ ڪريئيٽر زينب فاطمه ٻڌايو ته کيس 2019ع کان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جو شوق هو، پر ان وقت موقعا محدود ۽ اڪائونٽ کولڻ جو عمل ڏکيو هو، تنهنڪري هوءَ ڪرپٽو ۽ فاريڪس مارڪيٽن ڏانهن هلي وئي.
سندس چوڻ هو ته هاڻي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڪائونٽ کولڻ جو طريقو سولو ٿيڻ سبب هن ٻيهر سيڙپڪاري شروع ڪئي آهي.
جهلم جي شاگردياڻي نور برطانوي ميڊيا کي ٻڌايو ته هن 5 هزار رپين سان سيڙپڪاري شروع ڪئي.
سندس مقصد ترت منافعو ڪمائڻ بدران ڊگهي مدي لاءِ آمدنيءَ جو واڌو ذريعو پيدا ڪرڻ آهي.
نوجوان اسٽاڪ مارڪيٽ ڏانهن ڇو پيا اچن؟
ماهرن موجب، اسٽاڪ مارڪيٽ جي گذريل ڪجهه سالن جي بهتر ڪارڪردگي، ڊالر جي قيمت ۾ استحڪام، مهانگائي، سوشل ميڊيا ذريعي مالي ڄاڻ ۾ واڌ ۽ اڪائونٽ کولڻ جي طريقيڪار ۾ سولائيءَ نوجوانن جي دلچسپي وڌائڻ جا اهم سبب آهن.
ڊارسن سيڪيورٽيز سان لاڳاپيل تجزيي نگار شهريار بٽ موجب، اسٽاڪ مارڪيٽ 2023ع ۾ سيڙپڪارن کي 85 سيڪڙو تائين ۽ 2025ع ۾ 55 سيڪڙو کان وڌيڪ منافعو ڏنو.
الميزان انويسٽمينٽ جي هيڊ آف ريسرچ عمرين سوراني موجب، سوشل ميڊيا نوجوانن کي شروعاتي طور جلدي منافعو ڪمائڻ جي اميد سان مارڪيٽ ڏانهن آڻي ٿي، پر هاڻي ڪيترائي نوجوان ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري، مستحڪم ڪمپنين جي شيئرز ۽ ميوچل فنڊز ۾ به دلچسپي وٺي رهيا آهن.
حڪومت جو هدف 25 لک سيڙپڪار
سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي ترجمان ساجد گوندل موجب، اڪائونٽ کولڻ جو عمل آسان بڻايو ويو آهي، جڏهن ته يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ سيڙپڪاري بابت سيمينار ۽ مفت آن لائن ڪورسز پڻ شروع ڪيا ويا آهن.
اداري جو هدف سيڙپڪارن جو انگ 25 لک تائين پهچائڻ آهي.
ڪرپٽو ۾ نقصان به هڪ سبب
ڪاروباري شخصيت عقيـل ڪريم ڊيڊي موجب، ڪرپٽو مارڪيٽ ۾ نقصان کڻڻ کانپوءِ به ڪيترائي نوجوان اسٽاڪ مارڪيٽ ڏانهن آيا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ضابطن هيٺ ڪم ڪري ٿي، پر ان ۾ به سيڙپڪاريءَ سان نقصان جو خطرو موجود آهي.
شهريار بٽ نشاندهي ڪئي ته نون اڪائونٽن ۾ واڌ جي باوجود مارڪيٽ جو حجم ساڳئي تناسب سان نه وڌيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيترائي نوان سيڙپڪار ننڍين رقمن سان شروعات ڪري رهيا آهن ۽ سکڻ يا تجربي جي مرحلي ۾ آهن.
