نوشهروفيروز (رپورٽ عطا حسين) نوشهروفيروز ۾ ڪراچي جي ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان ڏيئا ٻاري تقريب ڪئي وئي تقريب ۾ پ پ ضلعي صدر حاجي سهيل اختر عباسي ، جنرل سيڪريٽري مسرور احمد راڄپر ڪامران علي تڳر، سيد زين شاه سميت مڙني پارٽي ورڪرن جيالن ۽ ٻين کي عهديدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي پ پ ضلعي صدر حاجي سهيل اختر عباسي ۽ ٻين اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو 18 آڪٽوبر جي ڏينهن تي ڪراچي جي ڪارساز روڊ تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي قافلي تي حملو ڪري پ پ جي جيالن کي شهيد ڪيو ويو جنهن کي اڄ 20 سال ٿي ويا آهن هن چيو ته اسان پنهنجي شهيد ساٿين جي ڏنل قربانين تي کين سلام پيش ڪريون ٿا جن جون ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهون پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا هن وقت به پنهنجي ورڪرن ۽ جيالن سان گڏ آهي هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جا جيالا ڪارڪن قائد بلاول ڀٽو زرداري سان هر وقت گڏ آهن ۽ رهندا بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ وقت ۾ ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو جيڪو عوام جي خدمت ڪري پنهنجي امڙ محترمہ بينظير ڀٽو جو خواب پورو ڪندو.
