• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: شڪارپور ۾ آغا سراج خان دراني جي پهرين ورسي ملهائي وئي عوامي خدمتن تي ڀيٽا پيش
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

شڪارپور ۾ آغا سراج خان دراني جي پهرين ورسي ملهائي وئي عوامي خدمتن تي ڀيٽا پيش

admin
Last updated: October 18, 2026 6:25 am
admin
Share
SHARE

شڪارپور(رپورٽ مومن علي مهر)سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ مرحوم آغا سراج خان دراني جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي قرآن خواني ڪرائي وئي، جڏهن ته سندس عوامي، سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي سرخ سلام پيش ڪيو ويو. ورسيءَ جي تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن، عهديدارن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن، جيالن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مرحوم آغا سراج خان دراني هڪ قدآور سياسي شخصيت، جمهوريت پسند اڳواڻ ۽ بهترين انسان هئا، جن پنهنجي سموري زندگي عوامي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هنن چيو ته آغا صاحب غريبن، مسڪينن ۽ بيروزگار نوجوانن جا همدرد هئا، جن هزارين نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري ڪيترن ئي گهرن ۾ خوشحالي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته مرحوم آغا سراج خان دراني تعليم، صحت، ترقياتي ڪمن، عوامي ڀلائي ۽ امن امان جي بهتريءَ لاءِ اهم ڪوششون ڪيون. سندس سياسي جدوجهد، عوام سان محبت ۽ پارٽيءَ لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.
هنن وڌيڪ چيو ته آغا سراج خان دراني جي وفات سان سنڌ جي سياست ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو، جنهن کي ڀرڻ آسان ناهي. سندس عوامي خدمت جو جذبو ۽ جمهوري جدوجهد ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه رهندي.مير عابد حسين خان ڀيو، امتياز احمد شيخ، چيف سردار جاڳڻ خان ڀيو، نعيم اڪبر قاضي، آغا مسيح الدين خان دراني، آغا شهباز خان دراني، آغا شجاع الدين خان دراني ۽ مير الطاف خان ڀيو (جونيئر) سميت ٻين اڳواڻن مرحوم آغا سراج خان دراني جي سياسي ۽ عوامي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته سندس عوام دوست ڪردار کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.آغا عبدالرحمان عرف ڏاڏو خان، غلام مصطفيٰ منگي، آغا جاويد دراني، عبدالحفيظ پيرزادو، آپا رخسانه مرکياڻي، برڪت علي لاشاري، ممتاز علي عرف پپو ڀيو ۽ عبدالوحيد مغل سميت ٻين شخصيتن پڻ مرحوم اڳواڻ کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.تقريب ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن چيو ته آغا سراج خان دراني جون عوامي خدمتون ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد هميشه ياد رکيون وينديون، جڏهن ته سندس ڇڏيل سياسي ۽ سماجي ورثو عوام جي دلين ۾ زنده رهندو.تقريب جي پڄاڻيءَ تي مرحوم آغا سراج خان دراني جي مغفرت، درجات جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا گهري وئي. ان موقعي تي سوين جيالن ۽ شهر واسين پڻ شرڪت ڪئي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article  دادو ۾ سيال موري پل تي خطرناڪ کڏو، جاني نقصان جو خدشو، رهواسين جو احتجاج، انتظاميه کان فوري مرمت جو مطالبو
Next Article نوشهروفيروز ۾ ڪراچي جي ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان ڏيئا ٻاري تقريب ڪئي وئي
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار…

October 21, 2026

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15…

October 21, 2026

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ آبي حقن جي ڀڃڪڙي کي جنگي قدم سمجهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز…

October 21, 2026

پاڪستان جو ڀارت ۾ شيڊيول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اوور…

October 21, 2026

لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پارڪنگ اسٽينڊ جي ملازم کان…

October 21, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

پرائمري استادن جي سروس اسٽرڪچر لاءِ پ ٽ الف تعلقه دادو جو ڀرپور احتجاجي مظاهرو

پرائمري استادن جي جائز حق سروس اسٽرڪچر جي حاصلات لاءِ پ ٽ الف مرڪز پاران اعلانيل جدوجهد جي ٻئي مرحلي…

4 Min Read
پاڪستان

ڄامشورو پوليس جو سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن، مختلف علائقن ۾ مشڪوڪ ماڻهن جي چیکنگ

ايس ايس پي ڄامشورو جناب ظفر صديق ڇانگا جي خاص هدايتن تي ضلعي اندر امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ…

1 Min Read
پاڪستان

يونيورسٽي انتظاميا کي ملازمن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ درخواست ڏني وئي آهي ،وائيس چانسلر ڊاڪٽر نيڪ محمد

لاڙڪاڻو(رپورٽ مريد علي سولنگي) آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي چيئرمين ۽ دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي…

4 Min Read
پاڪستان

دوداپور: اڻڄاتل هٿياربندن جي گهر تي جديد هٿيارن سان فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، هڪ زخمي

دوداپور: (آچر: 29 مارچ 2026ع)  دوداپور ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي گهر تي جديد هٿيارن سان فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا،…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?