سانگهڙ(رپورٽ غلام رسول ناريجو )
سانگهڙ جي باصلاحيت نياڻي ڊاڪٽر فاريا لغاري جو شاندار استقبال، شهرين فخر جو اظهار ڪيو تفصيل موجب سانگهڙ جي نياڻي ڊاڪٽر فرح لغاري سي ايس ايس جو امتحان ڪاميابي سان پاس ڪرڻ ۽ تربيت مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سانگهڙ پهتي، جتي شهرين پاران ڊاڪٽر فاريا لغاري جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي کيس گلن ۽ اجرڪن سان هار پارايو ويو، جڏهن ته مقامي ماڻهن ۽ سماجي شخصيتن خوشي جو اظهار ڪيو ۽ سندس ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. ڊاڪٽر فاريا لغاري مشهور پروفيسر ممتاز لغاري جي ڌيءَ آهي. سندس ڪاميابي کي سانگهڙ لاءِ اعزاز ۽ نوجوان نسل، خاص طور تي شاگردياڻين لاءِ هڪ روشن مثال سمجهيو پيو وڃي. فيڊريشن آف ڪامرس جي اڳواڻ ملڪ شير محمد ۽ حاجي يامين قريشي، پروفيسر نواز ڪنبھار، اسلم ميمڻ ۽ سٽيزن ايڪشن ڪميٽي سانگهڙ جي جنرل سيڪريٽري رحيم خاصخيلي سميت سوين شهري استقبالي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڊاڪٽر فاريا لغاري کي مبارڪباد ڏني. هن موقعي تي شرڪت ڪندڙن چيو ته ڊاڪٽر فاريه لغاري پنهنجي محنت، عزم ۽ لگن سان ڪاميابي حاصل ڪري شهر ۾ شهرت آندي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر فاريه لغاري پوليس سروس ۾ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي. شهرين سندس روشن مستقبل ۽ وڌيڪ ڪاميابين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
سانگهڙ جي باصلاحيت نياڻي ڊاڪٽر فاريا لغاري جو شاندار استقبال، شهرين فخر جو اظهار ڪيو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
