اسلام آباد (بيورورپورٽ)آبناءِ هرمز ۾ سامونڊي جهازن ۽ تيل جي ٽينڪرن کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه وڌي ويا آهن.
عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ ڪچي تيل جو اگهه وڌي 109 ڊالر 90 سينٽ في بيرل ٿي ويو، جڏهن ته آمريڪي ڪچي تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ جو اگهه 101 ڊالر 40 سينٽ في بيرل ٿي ويو آهي.
ان کان سواءِ گڏيل عرب امارتن جي مربن ڪچي تيل جو اگهه پڻ وڌي 113 ڊالر 40 سينٽ في بيرل ٿي ويو آهي.
