مصر (ويب ڊيسڪ) مصر ۾ هڪ هاريءَ کي پنهنجي زمين تي ڪم ڪندي هڪ عجيب پٿر لڌو، جنهن کان پوءِ آثار قديمه جي ماهرن جي کوٽائيءَ دوران قديم فرعون رامسس ٻئي جون ٻه وڏيون مورتيون هجڻ جا آثار هٿ آيا آهن. هي دريافت لڳ ڀڳ ٽي هزار سال پراڻي مصري تهذيب بابت نئين ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هي دريافت مصر جي اترئين علائقي ۾ نيل نديءَ جي ڇوڙ واري پٽيءَ ۾ واقع ڳوٺ بهبيت الحجر ۾ ٿي. مقامي رهواسي خالد الشحات پنهنجي گهر جي سامهون زمين تي ڪم ڪندي هڪ گلابي رنگ جو پٿر ڏٺو، جنهن تي قديم لکيتون اُڪريل هيون. هن پٿر جي اهميت محسوس ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ آثار قديمه جي ماهرن کوٽائي شروع ڪئي.
کوٽائيءَ دوران پهرين مورتيءَ جو لڳ ڀڳ 1.60 ميٽر اوچو مٿو هٿ آيو، جنهن تي فرعون رامسس ٻئي کي مٿئين ۽ هيٺئين مصر جي گڏيل بادشاهيءَ جي علامتي ٻٽو تاج پاتل ڏيکاريو ويو آهي. ماهرن جو اندازو آهي ته اها مورتي مڪمل حالت ۾ لڳ ڀڳ 8.5 ميٽر اوچي هوندي.
ٻيءَ مورتيءَ جا به وڏا حصا هٿ آيا آهن، جن ۾ مٿو ۽ ٻيا ٽڪرا شامل آهن. ان جا پير ۽ بنياد موجود نه آهن، تنهنڪري ماهر اڃا تائين ان جي مڪمل بناوت ۽ اصل ماپ بابت جاچ ڪري رهيا آهن. شروعاتي اندازي موجب، اها مورتي به رامسس ٻئي جي ٿي سگهي ٿي.
ان ماڳ تان گلابي گرينائيٽ جو هڪ ٻيو پٿر پڻ مليو آهي، جنهن تي قديم مصري تصويري لکيتن ۾ رامسس ٻئي جا شاهي لقب اُڪريل آهن. انهن لکيتن مان هڪ ۾ کيس مٿئين ۽ هيٺئين مصر جو بادشاهه، جڏهن ته ٻيءَ ۾ سج ديوتا را جو پٽ سڏيو ويو آهي.
رامسس ٻئي قديم مصر جي مشهور حڪمرانن مان هڪ هو، جنهن لڳ ڀڳ 1279 کان 1213 قبل مسيح تائين حڪومت ڪئي. سندس دور ۾ وڏيون عمارتون، مندر ۽ يادگار اڏيا ويا، جن جا آثار اڄ به قديم مصري تهذيب جي شان ۽ طاقت جي شاهدي ڏين ٿا.
آثار قديمه جي ماهرن موجب، وڌيڪ کوٽائي ۽ جاچ وسيلي اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اهي مورتيون اصل ۾ ڪٿي نصب هيون ۽ ان علائقي ۾ قديم زماني ۾ ڪهڙي قسم جون عمارتون موجود هيون.
