برازيل ۾ اڻ ڏٺل محبوبا سان ملڻ لاءِ پورهيت پنهنجو سمورو سامان وڪڻي 2 هزار ڪلوميٽر سفر ڪري پهتو، منزل تي پهچڻ کانپوءِ خبر پيس ته محبوبا جو ڪو وجود ئي ناهي!
پرڏيهي خابرو ادارن موجب، برازيل جي 49 ورهين جي پورهيت ايڊيمار روچا مارٽنز 2020ع ۾ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جيسيڪا اوليويرا نالي عورت جو اڪائونٽ ڏٺو هو.
ان اڪائونٽ تي موجود وڊيوز ۾ عورت پاڻ کي هڪ ٻني ٻاري واري جاءِ تي رهندڙ ظاهر ڪندي هئي ۽ زندگي گڏ گذارڻ لاءِ ساٿي ڳوليندي نظر ايندي هئي.
ماءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ اڪيلائيءَ جو شڪار مارٽنز ان عورت سان نئين زندگي شروع ڪرڻ جون اميدون جوڙي ويٺو.
هن 9 آڪٽوبر تي پنهنجو سمورو سامان وڪڻي ڇڏيو ۽ بس وسيلي لڳ ڀڳ 2 هزار ڪلوميٽر پري بيلو هوريزونٽي شهر پهچي ويو.
پر اتي پهچي عورت کي ڳولڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ کيس خبر پئي ته جيسيڪا اصل ۾ هٿرادو ڏاهپ (اي آءِ)وسيلي ٺاهيل هڪ فرضي ڪردار هئي، جنهن جو حقيقت ۾ ڪو وجود ئي نه هو.
اڪائونٽ هلائيندڙ شخص دعويٰ ڪئي ته هن اهو فرضي ڪردار رڳو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ٺاهيو هو ۽ مارٽنز کي ساڻس ملڻ جي دعوت به نه ڏني هئي.
واپسيءَ لاءِ پئسا نه هئڻ سبب مقامي اختيارين مارٽنز جي مدد ڪئي ۽ کيس گهر موٽڻ لاءِ بس جي ڀاڙي جو ٽڪيٽ وٺي ڏنو.
