• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: روهڙي ڪنڊي فارم ۾ مبينا بي ضابطگين جا انڪشاف، کير، ڪاٺ ۽ زرعي زمين جي استعمال تي سوال
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

روهڙي ڪنڊي فارم ۾ مبينا بي ضابطگين جا انڪشاف، کير، ڪاٺ ۽ زرعي زمين جي استعمال تي سوال

admin
Last updated: August 24, 2026 9:26 am
admin
Share
SHARE

سکر (رپورٽ: ماجد محمود): روهڙي جي علائقي ڪنڊي فارم ۾ مبينا مالي ۽ انتظامي بي ضابطگين جو معاملو سامهون آيو آهي، جتي فارم جي وسيلن جي استعمال، کير جي پيداوار ۽ وڪري، ڪاٺ جي ڪٽائي، زرعي زمين جي مبينا غيرقانوني استعمال ۽ بجلي چوري بابت سنگين سوال اٿاريا ويا آهن.

ذريعن ۽ دستياب دستاويزن موجب ڪنڊي فارم ۾ سرڪاري وسيلن جي استعمال ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني بابت شفافيت تي سوال پيدا ٿي رهيا آهن. مبينا طور فارم جي زرعي زمين کي مقرر مقصد بدران ٻين ڪمن لاءِ استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته کير جي پيداوار، وڪري ۽ آمدني جو مڪمل رڪارڊ پڻ جاچ طلب قرار ڏنو ويو آهي.

فارم جي حدن اندر موجود وڻن ۽ ڪاٺ جي ڪٽائي بابت پڻ مبينا بي ضابطگين جون نشاندهيون ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاٺ بابت سرڪاري رڪارڊ، ڪٽائي جي اجازت، مقدار ۽ حاصل ٿيندڙ آمدني جو فرانزڪ آڊٽ ڪرايو وڃي ته اصل صورتحال واضح ٿي سگهي ٿي.

ٻئي طرف فارم جي زرعي زمين جي استعمال بابت پڻ ڪيترائي سوال سامهون آيا آهن، جن ۾ زمين جي ڪل ايراضي، ان جو سرڪاري مقصد، ڪيتري زمين آباد آهي ۽ زرعي پيداوار مان حاصل ٿيندڙ آمدني جو رڪارڊ شامل آهي.

بجلي چوري جا الزام

ڪنڊي فارم ۾ بجلي جي استعمال ۽ ميٽرنگ بابت پڻ سوال اٿاريا ويا آهن. ذريعن موجب بجلي چوري جي الزامن جي جاچ لاءِ لاڳاپيل بجلي ڪمپني جو ميٽر رڪارڊ، بلنگ ڊيٽا، ميٽر انسپيڪشن رپورٽون ۽ ڪنهن به ڊٽيڪشن بل يا قانوني ڪارروائي جو رڪارڊ سامهون آڻڻ ضروري آهي.

شهرين ۽ لاڳاپيل حلقن مطالبو ڪيو آهي ته ڪنڊي فارم روهڙي جي معاملن جي غيرجانبدارانه جاچ ڪرائي وڃي ۽ فارم جي زمين، زرعي پيداوار، کير جي پيداوار ۽ وڪري، ڪاٺ جي ڪٽائي ۽ بجلي جي استعمال سميت سمورن مالي معاملن جو مڪمل آڊٽ ڪرايو وڃي.

ذريعن موجب جاچ دوران گذريل ڪيترن ئي سالن جو رڪارڊ پڻ طلب ڪيو وڃي، جيئن معلوم ٿي سگهي ته فارم مان حاصل ٿيندڙ آمدني ڪٿي جمع ٿي ۽ سرڪاري وسيلن جو استعمال ڪهڙي مقصد لاءِ ڪيو ويو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article 24-8-2026
Next Article زرداري صدر رهڻ تائين سنڌ ورهائي نٿي سگهجي: ناصر حسين شاهه
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

حيدرآباد ڪمشنر جو اعتماد هوم جو دورو، يتيم ٻارن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ

حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر فياض حسين عباسي بدين ۾ يتيم ۽ مستحق ٻارن جي ڪفالت، تعليم ۽ تربيت لاءِ قائم…

2 Min Read
پاڪستان

عمران خان ڳالهيون نه ڏڦيڙ چاهي ٿو:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله، چيو آهي ته سياست ۽ جمهوريت ڳالهين ذريعي اڳتي وڌن…

1 Min Read
پاڪستان

زال پنهجي عاشق سان گڏجي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جي ڪارروائي، عورت سميت 3 ڄڻا گرفتار

ڊي ايس پي سٽي دادو عبدالغني رند، ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن مظهر نائچ جي دادو اي سيڪشن ٿاڻي…

2 Min Read
پاڪستان

وزيراعظم هائوسنگ فنانس اسڪيم ۾ آئيني سقم جو انڪشاف

اسلام آباد: حڪومت پاران اعلان ڪيل 3.2 کھرب رپين واري هائوسنگ فنانس اسڪيم تي آئيني ۽ قانوني خدشن جو اظهار…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?