اڄڪلهه جي جديد ۽ تيز رفتار زندگيءَ ۾ مرداڻي ڪمزوري، ٽيسٽسٽيرون هارمون جي گهٽتائي، ۽ وقت کان اڳ سستي جهڙا مسئلا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. بنيادي طور تي عام ماڻهو انهن مسئلن کي ڪا خطرناڪ يا علاج نه ٿيندڙ بيماري سمجهي پريشان ٿي ويندا آهن، پر جديد ميڊيڪل سائنس موجب اهي مسئلا گهڻي قدر اسان جي رهڻي سهڻي، غلط خوراڪ ۽ جسماني سستي جو نتيجو هوندا آهن.
طبي ماهرن موجب انهن مسئلن جو وڏو سبب جسم جي رڳن ۾ رت جي روانيءَ جو متاثر ٿيڻ آهي. جڏهن رت جون ناليون سوڙهيون يا سخت ٿين ٿيون، ته جسم جي حساس عضون تائين رت جي رسائي متاثر ٿئي ٿي. ان سان گڏوگڏ، عمر وڌڻ، ورزش نه ڪرڻ ۽ لڳاتار ذهني دٻاءُ يا اسٽريس سببان مرداڻو هرمون ”ٽيسٽسٽيرون“ گهٽجڻ لڳندو آهي، جنهن جو سڌو اثر جسماني طاقت ۽ جنسي صحت تي پوي ٿو.
سائنسدانن ۽ يورالاجسٽن موجب ان جو بهترين ۽ قدرتي حل پنهنجي روزمره جي عادتن کي بدلائڻ ۾ آهي. غذائيت سان بھرپور خوراڪ، خاص طور تي زنڪ، اوميگا-3 ۽ نائٽرڪ آڪسائيڊ واريون شيون جهڙوڪ بادام، اخروٽ، پالڪ، ۽ سائيون ٻاڄيون شريانين کي کولين ٿيون ۽ هارمونز کي قدرتي طور وڌائين ٿيون. ان کانسواءِ، روزاني 20 کان 30 منٽ وزن کڻڻ واري ورزش ۽ سگريٽ نوشيءَ کان پرهيز ڪرڻ سان به جسماني تيزيءَ سان بحال ٿئي ٿي.
طبي ماهرن زور ڏنو آهي ته اڻ تصديق ٿيل توڙي عطائي علاج کان پاسو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اڪثر ڪيسن ۾ صحيح ڄاڻ، گهربل خوراڪ، ۽ باقاعده ورزش سان ئي مرد پنهنجي قدرتي صحت ۽ فٽنيس کي بلڪل بهتر بڻائي سگهن ٿا.
